Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

مدني قافلن ۾ سفر ڪيو ۽ نيڪ اعمال جو رسالو ڀَري ڪري آهستي آهستي ان تي پنهنجو عمل وڌائيندا وڃو، ٿڌ لڳي رهي هجي ۽ جسم سردي کان ڏڪي رهيو هجي، وضو ڪيو ۽ نمازِ باجماعت جو خاص اهتمام فرمايو. جيڪڏهن نفس سُستي ڏياري، شيطان ڄار وڇائي ته صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي قربانين کي ياد ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تڪليف آسان ٿيندي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

(4): سردي ۾ ايثار جا موقعا

   اي عاشقانِ رسول! سردي جي موسم ۾ اسان جي لاءِ ايثار جا موقعا به وڌي ويندا آهن، سردين ۾ غريبن جو خيال رکو! جيئن اسان پنهنجي لاءِ گرم لباس جو اهتمام ڪندا آهيون، غريبن تي ايثار ڪري، انهن جي لاءِ گرم لباس جو اهتمام ڪري وڏو ثواب ڪمائي سگهون ٿا.

سيپارو: 6، سورة مائده، آيت: 32 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

وَ مَنۡ  اَحۡیَاھَا فَکَاَنَّمَاۤ اَحۡیَا النَّاسَ جَمِیۡعًا ؕ      (سيپارو: 6، سورة مائده، آيت: 32)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جنهن ڪنهن هڪ جان کي (قتل کان بچائي) زندھ رکيو ان ڄڻ سڀني انسانن کي زندھ رکيو.

   هن آيت ۾ هڪ جان کي جيارڻ (زندھ رکڻ) مان ڇا مراد آهي؟ امام فخرُ الدين رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان کي سڙڻ، ٻڏڻ کان بچائڻ، بکايل کي کاڌو کارائڻ، سخت سردي يا سخت گرمي کان ڪنهن کي بچائي ڪري ان جي لاءِ جيئڻ جو سامان ڪرڻ هي سڀ انسان کي جيارڻ (يعني زندھ رکڻ) جون صورتون آهن. )تفسیرِ کبیر ،پارہ:6 ،سورۂ مائدہ،زیرِ آیت:32، جلد:4،صفحہ:344( لهٰذا جيڪو خوش نصيب سخت سردي ۾ ڪنهن غريب جي لاءِ سردي کان بچڻ جو سامان ڪري، اهو