Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

نالو رکڻ جون سنّتون ۽ آداب

 فرمانِ مُصطَفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  قيامت جي ڏينهن توهان پنهنجي ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي نالن سان پڪاريا ويندؤ، تنهنڪري توهان پنهنجا سٺا نالا رکو۔

(ابو داود،ڪتاب الادب باب في تغيير الاسماء،۴/۳۷۴،حديث:۴۹۴۸)

    اي عاشقانِ رسول! مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ٻار جو سُٺو نالو رکيو وڃي ڪافي ماڻهن جا اهڙا نالا آهن جن جي معنٰي نه آهي يا انهن جي بُري معنٰي آهي اهڙن نالن کان بچو * انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام ۽ تابعين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم جي نالن تي نالا رکڻ بهتر آهي، اميد آهي ته انهن جي برڪت ٻار جي شامل حال هجي * ٻار زندھ پيدا ٿيو يا مُئل ان جو بدن مڪمل ٿيو هجي يا مڪمل نه ٿيو هجي، بهرحال ان جو نالو رکيو ويندو * حديث پاڪ ۾ آهي: ٻار جو نالو رکو جو الله پاڪ ان جي ذريعي توهان جي عمل جي ساهمي کي وزندار ڪندو * جبريل يا ميڪائيل وغيره نالو نه رکو * يٰسين يا طٰهٰ نالو رکڻ منع آهي * محمد يٰسين نالو به نه رکو، ها چاهيو ته غُلام يٰسين ۽ غُلام طٰهٰ رکو * جيڪي نالا بُرا هجن انهن کي مَٽائي ڪري سُٺو نالو رکڻ گهرجي جو پنهنجي امّت سان پيار ڪرڻ واري پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن بُري نالي کي سُٺي نالي سان مَٽائي ڇڏيندا هئا. هڪ خاتون جو نالو عاصيه (يعني گنھگار) پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي نالي کي مَٽائي ڪري جَميله رکيو * اهڙا نالا رکڻ جائز ناهن جيڪي غير مسلمن جي لاءِ خاص هجن * غلام رسول، غلام صديق، غلام حسين، غلام غوث، غُلام رضا نالو رکڻ جائز آهي.   )550سنتیں اور آداب، صفحہ:63-68ملتقطاً(

مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو