Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: هفتيوار مدني مذاڪرو.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! شيخِ  طريقت، اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر ڇنڇر جو نمازِ عشا کان بعد مدني چينل تي براءِ راست (Live) مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ان مدني مذاڪرن ۾ شرڪت ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول کي ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون حاصل ٿينديون آهن، اچو هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

علم ۽ حڪمت ڀريو مدني مذاڪرو

   واھ ڪينٽ (ضلع راولپنڊي) جي هڪ نوجون جو بيان آهي: نمازون قضا ڪرڻ، فلمون ڏسي ڪري شيطان کي خوش ڪرڻ ۽ گانا باجا وغيره ٻڌي ڪري مست رهڻ منهنجو معمول هو، افسوس! مان سنّتن تي عمل ڪرڻ کان محروم هيس، منهنجي گناھن ڀري زندگيءَ ۾ بهار هيئن آئي جو هڪ ڏينهن هڪ مبلغ دعوتِ اسلامي سان منهنجي ملاقات ٿي وئي. انهن مون کي سمجهائيندي اجتماعي سنّت اعتڪاف جو ذهن ڏنو، انهن جي پياري انداز ۾ ڏنل نيڪي جي دعوت منهنجي دل تي اثر ڪري وئي ۽ مان اجتماعي اعتڪاف ۾ شريڪ ٿي ويس، هاڻي منهنجا رات ڏينهن عبادت ۾ گذرڻ لڳا، پُر سوز بيانات ۽ رقت انگيز دعائن منهنجي دل جي دنيا ئي بدلي ڇڏي، ڪرم مٿان ڪرم هي ٿيو جو اجتماعي اعتڪاف ۾ اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي سعادت ملي، پاڻ جي پُر اثر ملفوظات سان مان ايتري قدر متاثر ٿيس جو مون فوراً پنهنجي سابقه گناھن کان توبھ ڪئي ۽ نمازن جي پابندي جو عزم ڪري ورتو، اميرِ اهلِ سنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ترغيب ڏيارڻ تي چنڊ رات جو گهر وڃڻ بدران راھِ خدا جو مسافر بڻجي ويس جتي علمِ دين جي سنهري موتين سان دامن ڀرڻ جو موقعو مليو ۽ سنّتون سکڻ سان گڏوگڏ انهن تي عمل ڪرڻ