Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

ربِّ ڪريم جو شڪر ادا ڪيون، خوب دل لڳائي ڪري ان جي عبادت ڪندا ڪيون.

رہوں مست وبے خود میں تیری وِلا میں  پِلا   جام   ایسا   پِلا   یاالٰہی!

)وسائلِ بخشش،صفحہ:105(

الله پاڪ جي هڪ هجڻ جو  دليل

  اي عاشقانِ رسول! موسمن جي تبديلي، ڪڏهن گرمي، ڪڏهن سردي، ڪڏهن سرءُ، ڪڏهن بهار، ايئن موسمن جو بدلجندو رهڻ، قدرت جي تمام وڏي نشاني آهي. الله پاڪ آهي ۽ هڪ ئي آهي ان جي دليلن مان هڪ دليل قرآنِ ڪريم ۾ هي به بيان ٿيو:

وَ ھُوَ الَّذِیۡ یُحۡیٖ وَ یُمِیۡتُ وَ لَہُ اخۡتِلَافُ الَّیۡلِ وَ النَّہَارِ ؕ         اَفَلَا تَعۡقِلُوۡنَ (۸۰)

(سيپارو: 18، سورة مؤمنون: آيت: 80)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ اهو ئي زندگي ڏيندو آهي ۽ اهو ئي موت ڏيندو آهي. رات ۽ ڏينهن جو تبديل ٿيڻ انهيءَ جي اختيار ۾ آهي.

 ڏينهن ايندو آهي، رات هلي ويندي آهي، رات ايندي آهي، ڏينهن لهي ويندو آهي، سردين جا ڏينهن ننڍا، راتيون وڏيون، گرمين ۾ ڏينهن وڏا، راتيون ننڍيون، گرمي ايندي آهي ته سج باھ وَسائڻ لڳندو آهي. سردي ايندي آهي ته ماڻهو ڏڪڻ لڳندا آهن، سرءُ اچي ويو، پنَ ڇڻي ويا، بهار آيو، هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ ٿي وئي، هي موسمن جي تبديلي، هي رات ڏينهن جو اچڻ وڃڻ، ننڍو وڏو ٿيڻ، هي ڇا آهي؟ قدرت جي نشاني آهي. ڇا ڪو آهي جيڪو سج کي روڪي ڇڏي؟ چنڊ جي رفتار گهٽ ڪري ڇڏي؟ اسان سردين ۾ ڏَڪي رهيا هوندا آهيون پر موسم تبديل ناهيون ڪري سگهندا، جون جولائي جون گرم