Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

ڪپڙا، هيٽر، باھ وغيره جو اهتمام ڪرڻو پوي ها، جيڪڏهن سڄو سال گرمي رهي ها ته ان کان بچڻ جو اهتمام جهڙوڪ: اي سي، ٿڌي هوا، کلي هوا، وغيره جو انتظام ڪرڻو پوي ها، الله پاڪ ڪرم فرمايو: 4 موسمون بڻايون، ڪڏهن گرمي ايندي آهي، ڪڏهن سردي، ڪڏهن خزان (سَرءُ) ته ڪڏهن بهار، ان ۾ يقيناً اسان جي لاءِ کوڙ فائدا موجود آهن، ان ڪري ڪنهن به موسم کي ڪڏهن به بُرو نه چوڻ گهرجي، سردي ۽ گرمي کي بُرو چوڻ نهايت بُري ڳالھ آهي، ڪنهن موسم جي شڪايت (Complaint) ڪرڻ وارو هڪ اعتبار سان موسم کي پيدا ڪرڻ واري الله پاڪ جي شڪايت ڪري رهيو آهي. بخاري شريف حديث نمبر 6181، الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: انسان زماني کي گاريون (Swearing)  ڏيندو آهي حالانڪه زمانو (بڻائڻ وارو) ته مان آهيان ۽ ان جا ڏينهن، رات منهنجي ئي قبضهءِ قدرت ۾ آهن. )بخاری،کتاب:الادب،باب:لا تسبوا الدہر،صفحہ:1532 ،حدیث:6181( صحيح مسلم حديث شريف نمبر 2246، فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: زماني کي بُرو نه چئو ڇوته الله پاڪ ئي زماني کي پيدا فرمايو آهي. )مسلم،کتاب: ا لالفاظ من الادب، با ب: النہی عن سب الدھر، صفحہ:886،حدیث:2246(

سب کا پیدا کرنے والا، میرا مولا میرا مولا                       سب سے اَفضل سب سے اعلیٰ، میرا مولا میرا مولا

جَگ کا خالق سب کا مالک، وہ ہی باقی، باقی ہالِک             سچا مالک سچا آقا، میرا مولا میرا مولا

اَڄُ تمام گهڻي سردي آهي... !

   سخت سردي يا گرمي ۾ پڙهي ويندڙ دعا به آهي، جيئن ته فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : جڏهن سخت گرمي ٿيندي آهي ته ٻانهو چوندو آهي: لَآ اِلٰہَ اِلَّا اللہ اڄ وڏي گرمي آهي! اي الله پاڪ! مون کي جهنّم جي گرمي کان پناھ ڏي، الله پاڪ دوزخ کي فرمائيندو آهي: منهنجو ٻانهو مون کان تنهنجي گرمي کان پناھ