Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

غريبن سَوَڙون ورهائڻ سندن جو معمول هو انهيءَ سلسلي ۾ هڪ واقعو ٻڌندا: سردي جي موسم ۾ هڪ ڀيري اعلٰي حضرت جي ڀاءُ حضرت مولانا محمد رضا خان صاحب اعلٰي حضرت جي خدمت ۾ هڪ چادر پيش ڪئي اعلٰي حضرت جو معمول هو ته سردين ۾ سوَڙون تيار ڪرائي غريبن ۾ تقسيم فرمائيندا هئا ان وقت تائين سڀ سوڙون ورهائجي چڪيون هيون ته هڪ صاحب اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان سوَڙ جي درخواست ڪئي ته پاڻ ننڍي ڀاءُ واري اها ئي چادر پنهنجي مٿان لاهي ڪري ان کي عنايت فرمائي ڇڏي.

  جناب ذڪاءُ الله خان صاحب (خادمِ اعلٰي حضرت) جو بيان آهي ته سردي جي موسم هئي مغرب جي نماز کان بعد اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه معمول مطابق دروازي تي تشريف کڻي ڪري سڀني ماڻهن کي موڪلي رهيا هئا خادم کي ڏسي ڪري فرمايائون: اوهان وٽ سَوَڙ ناهي؟ مان خاموش رهيس ان وقت اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي سوڙ ويڙهيل هئي اها خادم کي ڏئي ڪري فرمايائون ته هن کي ويڙهي ڇڏيو خادم پير چمڻ جي سادت حاصل ڪئي ۽ فرمان مبارڪ مڃيندي اها سوَڙ ويڙهي ڇڏي.  (فیضان رضاص175،176)

ٻليءَ  تي رحم ڪرڻ ڪم اچي ويو

   جهڙيءَ طرح اسان پاڻ کي سخت سردي يا گرمي ۾ ٿڌ يا گرمي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، خوش نصيبي! اسان جي ويجهو رهڻ وارن غريب پاڙي وارن، رشتيدارن جو سخت سردي ۾ خيال رکيو وڃي، انهن کي گرم لباس ۽ بستر وغيره پيش ڪيا وڃن بلڪه بي زبان جانورن تي به رحم ڪرڻ گهرجي ڇوته هي ويچارا پنهنجي تڪليف ۽ مصيبت ڪنهن کي وڃي ٻڌائيندا؟ ڪهڙي خبر اسان جو انهن سان ڪيو ويندڙ سُٺو سلوڪ الله پاڪ جي بارگاھ  ۾ مقبول ٿي وڃي ۽ اهو ئي اسان جي مغفرت جو سبب بڻجي وڃي جيئن ته