Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

ٿيڻ جي صورت ۾ ٻاڦ (اُٻَ) وٺو (5): کُڙين (Heels) ۽ چپن (Lips) کي ڦاٽڻ کان بچائڻ جي لاءِ ليڪوڊ گليسرين ۽ ويسلين استعمال ڪيو.

(ماہنامہ فیضانِ مدینہ ،ربیع الآخر1438ھ بمطابق جنوری 2017ء  ،  صفحہ:50بتغیر )

هيٽر جي استعمال ۾ احتياط ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! شيخِ طريقت اميرِ اهل سنت، حضرتِ علامه مولانا محمد الياس عطّارقادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ فرمائن ٿا: جيڪڏهن هيٽر هلايو ته منهنجو مشورو هي آهي ته جڏهن ڪمرو گرم ٿي وڃي ته سمهڻ کان پهريان هيٽر ضرور بند ڪري ڇڏيو  ڇوته جڏهن ڪمرو گرم ٿي ويو ته هاڻي ان جي هلندو رهڻ جي ضرورت ناهي ۽ ان کي بند نه ڪرڻ ۾ خطرو به آهي. ڪجھ ماڻهو هيٽر هلائي ڪري ڪمرو بند ڪري سمهي رهندا آهن هي هڪ خطري وارو ڪم آهي ڇوته ڪڏهن ڪڏهن گيس ليڪ ٿي رهي هوندي آهي ۽ خبر نه پوڻ تي حادثو ٿي ويندو آهي. اخبارن ۾ اهڙيون ڪيئي خبرون ڇپجنديون آهن هيٽر مان گيس ليڪ ٿيڻ جي ڪري ڌماڪو ٿيو ۽ هيترا هيترا ماڻهو انتقال ڪري ويا. هي احتياط صرف گيس واري هيٽر جي لاءِ ئي ناهي بلڪه جيڪڏهن بجلي وارو هيٽر هجي ته ان ۾ به باھ لڳڻ جو خطرو رهندو آهي لهٰذا ان کي به بند ڪري سمهندا ڪيو.

(سردی سے بچنے کے طریقے،صفحہ:3)

صحت جي لاءِ خطرو بڻجڻ واريون کٽيون مٺيون گوريون ۽ فنٽا وغيره جي جڳھ تي ٻارن کي انهن جي عمر جي لحاظ سان مناسب مقدار ۾ ڊاڪٽر جي مشوري جي مطابق ڦَلَ ۽ خشڪ ميوا (ڊرائي فروٽ) کارايو ۽ توهان پاڻ به الله پاڪ جي ڏنل انهن نعمتن مان فائدو کڻو. الله پاڪ اسان کي هر موسم ۾، هرحال ۾ ان جو شڪر ادا ڪندو رهڻ جي توفيق عطا فرمائي.

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .