Book Name:Mosam Sarma Ki Barkat

هيئن آهي ته جيڪا تيز گرمي توهان محسوس ڪندا آهيو هي دوزخ جي گرمي ساھ کان آهي ۽ جيڪا تيز ٿڌ توهان محسوس ڪيو ٿا هي ان جي ٿڌي ساھ کان آهي.

)بخاری،کتاب :مواقیت الصلاۃ،باب:الابراد بالظہر ،صفحہ:202 ،حدیث:537-538ملتقطاً(

    مشهور مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: دوزخ جڏهن مٿي ساھ کڻندو آهي ته دنيا ۾ عام طور سردي جو زور هوندو آهي ۽ جڏهن هيٺ ساھ ڇڏيندو آهي ته عام طور گرمي جي شدت (ٿي ويندي آهي).        )مِرآۃ المناجیح،جلد: ،صفحہ: 380(

سردي جي موسم جون برڪتون

 پيارا اسلامي ڀائرو! سردي جي موسم تمام برڪت واري آهي. هن موسم ۾ ڪافي برڪتن جو نزول ٿيو آهي: جهڙوڪ * الله پاڪ جي نبي حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام تي پهرين وحي سردي جي موسم ۾ نازل ٿي: سخت سردي جي موسم هئي، حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام پنهنجي اهلِ خانه کي گڏ وٺي ڪري مَدۡيَن کان مصر جي طرف وڃي رهيا هئا، رستي ۾ رات ٿي وئي ۽ سردي وڌي وئي، حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام باھ جي ذريعي گرمائش حاصل ڪرڻ جو ارادو فرمايو، ڏٺائون ته پري هڪ هنڌ تي باھ ٻرندي نظر آئي، پاڻ عَلَيهِ السَّلَام باھ وٺڻ جي لاءِ اتي پهتا ته معلوم ٿيو ته اها باھ نه بلڪه هڪ وڻ تي الله پاڪ جي تجلي ظاهر ٿي رهي آهي.

 سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! حضرت موسٰي عَلَيهِ السَّلَام باھ کڻڻ ويا هئا پر الله پاڪ سان ڪلام ڪرڻ جو شرف حاصل ڪري واپس آيا * اهڙيءَ طرح الله پاڪ جي نبي حضرت عيسٰي عَلَيهِ السَّلَام جي مبارڪ ولادت به سردين ۾ ٿي * قرآنِ ڪريم جون کوڙ آيتون به سردين ۾ نازل ٿيون آهن، اهڙين آيتن کي شِتائي (يعني سردين ۾ نازل ٿيڻ واريون آيتون) چيو ويندو آهي جهڙوڪ * سورة نور جون 10 (يا هڪ روايت جي مطابق 17) آيتون، جن ۾ مسلمانن جي ماءُ حضرت عائشه صدّيقه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي شان ۽ عظمت، سندن عزت ۽ پاڪدامني جو بيان ٿيو، هي آيتون سردين ۾ نازل ٿيون