ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

الله! الله! اي عاشقانِ رسول! معلوم ٿيو؛ اسان سان جيڪو ڪجھ به ٿئي ٿو، بهتر ئي ٿئي ٿو، الله پاڪ اسان کي جنهن حال ۾ به رکي ٿو، اهو ئي حال اسان جي حق ۾ بهتر آهي۔ ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي رهون، ڪڏهن به دِل ننڍي نه ڪريون، نه ئي زبان تي شڪوه  شڪايت آڻيون۔

الله پاڪ سڀني کي ڪمال ئي عطا فرمايو آهي

حضرت موسيٰ ۽ حضرت هارون عَـلَيْهِمَا الـسَّلَام فِرعَون وٽ، ان کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ ويا ته فرعون پڇيو

قَالَ  فَمَنۡ  رَّبُّکُمَا  یٰمُوۡسٰی )۴۹ ((پاره: 16، سورۂ طٰهٰ: 49)                                     

ترجَمو ڪنزُ العرفان:  اي موسيٰ! پوءِ توهان ٻنهي جو رب ڪير آهي؟

هن جي جواب ۾ حضرت موسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم فرمايائون:

قَالَ رَبُّنَا الَّذِیۡۤ اَعۡطٰی کُلَّ شَیۡءٍ خَلۡقَہٗ  ثُمَّ  ہَدٰی )۵۰( (پاره: 16، سورۂ طٰهٰ: 50)

ترجَمو ڪنزُ العِرفان: اسان جو رب اهو آهي جنهن هر شيءِ کي ان جي لائق صورت ڏني  پوءِ راھ ڏيکاريائين.

مُفَسِّر سڳورن هن آيت جي جيڪا وَضَاحت فرمائي، هن جي مطابق هن جو مطلب هي آهي ته رَبّ اهو آهي جنهن هر شيء کي هڪ خاص مقصد (Purpose) جي تحت، مَخصُوص صلاحيت تي پيدا فرمايو آهي، پوءِ هر شيء کي ان جي