Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
جنت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔([1])
اي عاشقانِ رسول! چڱين چڱين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪريون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * با اَدَب ويهندس * خوب تَوَجُّه سان بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم!
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
الله پاڪ سان راضِي ٿيڻ مان ڇا مراد آهي؟
حضرت رابعه بصريه رَحمَۃُ الله عَلَيها الله پاڪ جي ولياڻي، وڏي نيڪ سيرت ۽ عبادت گذار هيون، هڪ ڏينهن پاڻ ويٺيون هيون، ته سندن سامهون هڪ شخص دُعا گھري: يا الله پاڪ! مون سان راضِي ٿي وڃ۔
هي دُعا گھرڻ بلڪل جائز آهي، عموماً هي دُعا گھري به ويندي آهي پر ڪامل ولي سڳورن جا پنهنجا نِرالا انداز آهن، حضرت رابعه بصريه رَحمَۃُ الله عَلَيها جڏهن ان شخص جي واتان هي دُعا ٻُڌي ته فرمايائون: اي شخص! توکي شرم نٿو اچي...؟ الله پاڪ کان ان جي رضا گھرين ٿو، جڏهن ته توهان پاڻ ان کان راضي نه آهيو۔
ويجھو ويٺل هڪ شخص عرض ڪيو: ٻانهو الله پاڪ کان راضِي ٿي وڃي هن جي ڇا معنيٰ آهي؟ فرمايائون: جڏهن توهان کي مصيبت تي به ايئن ئي خوشي هجي جيئن نعمت ملڻ تي ٿيندي آهي، تڏهن چيو ويندو ته توهان الله پاڪ کان