Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
آهي ۽ اهو نيڪ بزرگ ڪلهي تي بيلچو رکي واپس موٽي رهيو آهي۔ سڀ حيران ٿي ويا ته آخر ماجرا ڇا آهي؟ ڇتن کان لهي جلدي نيڪ بزرگ جي خِدمت ۾ حاضِر ٿي پڇيائون: سائين! ڇا ماجرا آهي؟ سيلاب ڪيئن رُڪجي ويو؟ فرمايائون: مان بچيل بند ٽوڙي رهيو هئس، غيب کان آواز آيو: اي شخص! هي ڇو ٿو ٽوڙين؟ مون عرض ڪيو: يقيناً هي بند الله پاڪ جي مشيت ئي کان ٽُٽو آهي، لهٰذا جڏهن الله پاڪ جي مشيت هي آهي ته درياء جو پاڻي ڳوٺ ڏانهن اچي ته مان هن تي راضِي آهيان ۽ پاڻي جو رستو کولي رهيو آهيان۔ آواز آيو: اي شخص! جڏهن تُون اسان جي مرضِي تي راضِي آهين ته وڃ! اسان تنهنجي مرضِي کي پُورو ڪريون ٿا۔ بس انهي سبب کان سيلاب رُڪجي ويو۔
سُبحٰنَ الله! خبر پئي؛ جيڪڏهن اسان الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي ٿي وڃون ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! الله پاڪ اسان کان راضي ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن الله پاڪ اسان کان راضِي ٿي ويو ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! بگڙي سنورجي ويندي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجي رِضا تي راضِي رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔
ربّ جي رِضا تي راضِي رهڻ جي لاءِ ڇا ڪريون؟
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي رهڻ جي عادَت اپنائڻ جي لاءِ کوڙ سارا طريقا اپنائي سگھجن ٿا؛ مثلاً الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي رهڻ جون فضيلتون پڙھون، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها جيڪي هميشه اُن جي رِضا ۾ راضِي رهندا هئا، انهن جي سيرت پڙھون (هن جي لاءِ احياء العلوم، جلد: 5 کان رِضا جو بيان پڙھڻ مفيد آهي)، اهڙي طرح تڪليف، مصيبت، پريشاني، غُربت وغيره تي ملڻ واري ثوابن بابت مطالعو ڪريون (مثلاً شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَت بَرَڪاتُهمُ العَالِيه جو