ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

نبي هئڻ) تي دل سان راضِي ناهي ٿيندو، اهو ايمان جو ذائقو ناهي چکي سگھندو، ان وٽ بظاهر ايمان ته آهي پر اِيمان جو رُوح ان کي حاصِل ناهي هوندو۔([1])

ہر دم ابلیس پیچھے لگا ہے                                             حفظِ ایمان کی التِجا ہے

ہو کرم  اَمنِ روزِ جزا کی                                                  میرے مولیٰ تو خیرات دیدے([2])

رِضَا جي ٽن درجن جي وضاحت

اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ منهنجو رَبّ آهي ان تي راضِي ٿيڻ مان ڇا مراد آهي؟ هن حوالي سان عالم سڳورن رِضَا جا ٽي درجا (Levels) بيان ڪيا آهن:

رِضَا جو پهريون درجو

علَّامه قُرطبي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: الله منهنجو رَبّ آهي هن تي راضِي ٿيڻ جي هڪ معنيٰ هي آهي ته انسان الله پاڪ کان سِواءِ ڪنهن کي به پنهنجو رَبّ تسليم نه ڪري، مثلاً پٿر، وڻ، چنڊ، سج، تارن يا هن کان عِلاوه تمام اهي شيون جن کي مشرڪ پنهنجو رَبّ مڃن ٿا، انهن سڀني جو انڪار ڪري سچّي دِل سان هي اقرار ڪري ته الله هڪ آهي، ان کان سِواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي، اهو ئي منهنجو رَبّ آهي، اهو ئي مون کي رِزق ڏئي ٿو، اهو ئي مون کي پالي ٿو، ان ئي مون کي پساھ عطا ڪيا آهن، اهو ئي مون کي زِندگي بخشيندڙ آهي،


 

 



[1]... لمعات التنقيح فی شرح مشكاة المصابيح، كتاب الايمان، جلد:1، صفحہ:78، تحت الحدیث:9۔

[2]...  وسائل بخشش، صفحہ:124-125۔