Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
ڪري، سڀئي ماڻهو معمولي زخمي ٿيا پر محمد رفيق عطاري کي شديد زخم آيا، سخت تڪليف جي باوُجود سندن زبان تي ڪلمو شريف جاري هو ۽ ما شَآءَ الله! قسمت ڏسو! ڪلمو پڙھندي پڙھندي ئي دُنيا مان موڪلائي ويا۔
فضل وکرم جس پر بھی ہوا، لب پر مرتے دَم کلمہ جاری ہوا، جنت میں گیا، لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اوقاتِ نماز (Prayer Times) ايپ جو تعارف
پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي آئي، ٽي ڊپارٽمنٽ هڪ نهايت پياري موبائل ايپلي ڪيشن بنام اوقاتِ نماز (Prayer Times) جاري ڪئي آهي * هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي سڄي دنيا ۾ ڪنهن به مقام جي اوقات ۽ سمتِ قبله معلوم ڪري سگھجن ٿا * هن کان علاوه پنج نمازن جي وقتن بابت ماهوار ٽائم ٽيبل * اذڪار (روحاني علاج) * مدني چينل ريڊيو * نماز جي اوقات ۾ موبائل کي سائلنٽ (Silent) ڪرڻ جي سهولت ۽ اسلامي ڪيلنڊر موجود آهي۔ پنهنجي موبائل ۾ هي ايپليڪيشن انسٽال ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَ مَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت