Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
حالت ڪهڙي هوندي؟ اسان خوشي مان جھومڻ لڳنداسين، دِل مچلجي ويندي، چهري تي خوشي هوندي، شايد ايئن لڳندو ته مان ڪو خواب ڏسي رهيو آهيان۔ ان جي ابتڙ جيڪڏهن ڪو اچي چئي: توهان جي دُڪان ۾ باھ لڳي آهي ۽ سڄو سامان سڙي ويو آهي، هاڻي اسان جي دِل جي حالت ڪهڙي هوندي؟ دِل غَم ۾ ٻڏي ويندي، چهري تي پريشاني جا آثار هوندا، ٿي سگھي ٿو ته هاءِ مان تباھ ٿي ويس، برباد ٿي ويس چئي هنگامو به مچائي ڇڏيو۔
ايئن دِل جي حالت بدلجندي آهي، نعمت ملڻ تي ڪيفيت ٻئي هوندي آهي، نعمت کسجي وڃڻ يا ڪا ٻي مصيبت اچڻ تي ڪيفيت ڪجھ ٻي هوندي آهي، حُضُور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي فرمان جو مطلب هي آهي ته انسان جي ڪيفيت هر حال ۾ هڪ ئي رهي، نعمت ملڻ تي جيئن خوشي ٿيندي آهي، ايئن ئي نعمت نه ملڻ تي به ٻانهو الله پاڪ کان راضِي ۽ مطمئن ئي رهي، هن کي چئبو آهي: الله پاڪ جي رَبّ هئڻ تي راضِي ٿيڻ۔
چڱي، بُري تقدير الله پاڪ جي طرفان آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڪا انوکي ڳالھ نه آهي، اسان ننڍپڻ کان پڙهندا، ٻڌندا آيا آهيون: وَ الْقَدْرِ خَیْرِہٖ وَ شَرِّہٖ مِنَ الله تَعَالیٰ هر چڱي، بُري تقدير الله پاڪ جي طرفان آهي، اسان کي نعمت ملي * هي به الله پاڪ جي طرفان آهي * ڪا آزمائش اچي، هي به الله پاڪ جي طرف کان آهي * مال مِليو، هي به الله پاڪ جي طرفان آهي * غُربت اچي، هي به الله پاڪ جي طرفان آهي * صِحَّت الله پاڪ جي طرفان آهي * بيماري به الله پاڪ ئي جي طرفان آهي، مطلب هر چڱي ۽ بُري تقدير الله پاڪ ئي جي طرفان آهي، لهٰذا جڏهن ٻانهو هي اقرار ڪري چُڪو آهي ته مان الله پاڪ جي رَبّ هئڻ تي راضي آهيان ته ان کي گھرجي ته الله پاڪ جي هر فيصلي تي راضي ئي رهي، جيڪڏهن