Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
حق ۾ غُربت ئي بهتر آهي، جيڪڏهن مان اُنهن کي امير بڻايا هان ته انهن جو حال بگڙجي وڃي هان ۽ ڪجھ ٻانها اهي آهن جن جي حق ۾ امير هئڻ ئي بهتر آهي، جيڪڏهن مان اُنهن کي غريب ڪيان ها ته انهن جو حال بگڙجي وڃي ها۔([1])
خُدا! تجھ سے تیری وِلا مانگتا ہوں میں عشقِ شہِ اَنْبِیا مانگتا ہوں
اِلہٰی! نہیں مانگتا مال و دولت فَقَط تجھ سے تیری رِضا مانگتا ہوں([2])
الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم هڪ ڀيري نهر جي قريب کان لنگھي رهيا هئا، پاڻ ڏٺائون ته ٻار نهر ۾ وهنجي رهيا آهن، انهن سان گڏ هڪ نابين (Blind) ٻار به هو، حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي ان جي حال تي رَحم آيو، پاڻ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا گھري: يا الله پاڪ! هن کي به اکيون عطا فرماءِ۔ الله پاڪ سندن دُعا قبول فرمائي ۽ ان ٻار کي اکيون عطا فرمايون، جڏهن ان اکيون کوليون ۽ ٻارن کي ڏٺائين ته هڪ ٻار کي پڪڙي پاڻي ۾ ايتري قدر غوطا ڏنائين جو هو مري ويو، وري ٻئي کي پڪڙي ان کي به غوطا ڏئي قتل ڪري ڇڏيائين، هي منظر ڏسي حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم حيران ٿي ويا ۽ دُعا گھري: يا الله پاڪ! تُون پنهنجي مخلوق کي بهتر ڄاڻڻ وارو آهين، هن کي پهرين حالت تي ئي موٽائي ڇڏ۔([3])