ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! اندازو ڪريو! قيامت جو 50 هزار سالن جو ڏينهن، ماڻهو قبرن مان اُٿي ميدانِ محشر جو رُخ ڪندا، افسوس! اها ٽهڪندڙ ٽامي جي زمين، سوا ميل تي رهي باھ وسائيندڙ سج، انتها جي گرمي، پوءِ اَعمالنامو هٿن ۾ ڏنو وڃڻ، حساب ڪتاب جو معاملو، وري پُلصراط تان گذرڻ جو مرحلو، پُلصراط به ڪهڙو؟ وار کان سنهو، تلوار جي ڌار کان تيز، 1500 سال جي راھ، هوڏانهن ماڻهو اهڙي هولناڪ تڪليفن ۾ مبتلا هوندا ۽ هيڏانهن الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي رهڻ وارا، تنهائي ۾ به رَبِّ ڪريم جي نافرماني کان بچڻ وارا قبرن ئي مان اُڏامي جنّت ۾ پهچي ويندا، نه ميدانِ محشر جي گرمي ڏسندا، نه حساب ڪتاب، نه پُل صراط...!! سُبحٰنَ الله! اندازو لڳايو! هي ڪيترا خوش نصيب هوندا۔ ڪاش! اسان به اهڙا ٿيون، ڪاش! اسان به الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي رهڻ وارا، خَلوت ۽ جلوت ۾ گُنَاهن کان بچڻ وارا، پنهنجي رَبِّ ڪريم جا فرمانبردار ٻانها بڻجي وڃون۔

الله پاڪ کي راضِي ڪرڻ جو طريقو

امام غزالي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي طرفان ٻانهي کي آخرت ۾ جيڪي انعام عطا ڪيا ويندا، انهن ۾ سڀ کان وڏو ۽ انتهائي درجي جو انعام هي آهي ته الله پاڪ ٻانهي کان راضي ٿي وڃي۔([1]) الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ رِضْوَانٌ مِّنَ اللّٰهِ اَكْبَرُط (پاره: 10، سورۂ توبه: 72)

 ترجَمو ڪنزُ العِرفان: ۽ الله جي رضا سڀ کان وڏي شيءِ آهي.


 

 



[1]... احیاء العلوم ، جلد:5، صفحہ:157۔