ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

کان راضي ٿي ويندس۔([1])

شيخ ابو علي دَقّاق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو هڪ شاگرد فرمائيندو هو: مون کي هي معلوم ٿي ويندو آهي ته الله پاڪ مون کان راضي آهي يا نه؟ پڇيو ويو: اهو ڪيئن؟ فرمايائون: جڏهن مان رَبّ کان راضِي هوندو آهيان ته هو به مون کان راضِي هوندو آهي۔([2])

سيلاب رُڪجي ويو...!!

چوَن ٿا: ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ نيڪ بزرگ رهندو هو، سڀئي ماڻهو ان جي گھڻي عزّت ڪندا هئا، اُن کان دُعائون ڪرائيندا هئا، ان ڳوٺ جي قريب کان هڪ درياء وهندو هو، هڪ ڀيري ٿيو ايئن جو دريا جو بَند ٽٽي پيو، پاڻي ڳوٺ ڏانهن اچڻ لڳو، ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا ۽ ڀڄندي نيڪ بزرگ وٽ پهتا، دُعا جي لاءِ عرض ڪيائون، نيڪ بزرگ فرمايو: وڃو! سڀئي ماڻهو ڦاوڙا ۽ ٻيا اوزار کڻي اچو! سڀئي جلدي ڦاوڙا وغيره کڻي حاضِر ٿيا، نيڪ بزرگ پاڻ به هڪ ڦاوڙو کڻي سڀني کي وٺي درياء جي قريب پهتو، ماڻهو سمجھي رهيا هئا ته دريا جو بند ٻڌڻو آهي پر نيڪ بزرگ ان جو ابتڙ ڪيو، دريا جو بند ٻڌڻ بدران جيڪو باقي بچيل هو ان کي به ٽوڙڻ شروع ڪيو، هي ڏسي ماڻهو  گهڻو خفا ٿيا ۽ واپس موٽي ويا۔ هاڻي ماڻهن وٽ ڪو ٻيو حل نه هو سڀئي خوف زده هئا، سيلاب کان بچڻ جي لاء ٻارن ٻچن کي وٺي گھرن جي ڇتن تي چڙھي ويا، ڪافي دير گذرن کان بعد انهن ڏٺو، دريا جو پاڻي جيڪو ڳوٺ ڏانهن وڌي رهيو هو رُڪي ويو


 

 



[1]... احیاء العلوم ، جلد:5، صفحہ:160۔

[2]... رسالہ قشیریہ، رضا کا بیان ، صفحہ:358۔