ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

قبرن مان اُڏامي جنّت ۾ داخِل ٿيڻ وارا

هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته الله پاڪ منهنجي اُمّت جي هڪ گروه کي پَرَ عطا فرمائيندو، جن جي ذريعي هُو پنهنجي قبرن مان اُڏامي جنّت ۾ هليا ويندا ۽ اتي جيئن چاهيندا لطف اندوز ٿيندا۔ ملائڪ انهن کان پڇندا: ڇا توهان حساب ڏئي چڪا آهيو؟ هُو چوندا: اسان حساب ناهي ڏنو۔ ملائڪ ٻيهر پڇندا: ڇا توهان پُلصراط تان لنگھي چڪا آهيو؟ هو جواب ڏيندا؛ اسان پُلصراط ناهي ڏٺو۔ ٻيهر ملائڪ پڇندا: ڇا توهان جهنم کي ڏٺو؟ هو چوندا: اسان ڪنهن شيء کي ناهي ڏٺو۔ تڏهن ملائڪ انهن کي چوندا: توهان ڪنهن جي امت مان آهيو؟ هو خوش بخت جنتي چوندا: اسان امام الانبيا، حضرت محمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا اُمّتي آهيون۔ ملائڪ چوندا: اسان توهان کي الله پاڪ جو قسم ڏيون ٿا، ٻڌايو دنيا ۾ توهان جا عمل ڪهڙا هئا؟ هو جواب ڏيندا: اسان جون 2 عادتون هيون، جن جي ڪري اسان الله پاڪ جي فضل و ڪرم کان هن رُتبي کي پهتا آهيون؛ (1): اسان تنهائي ۾ به الله پاڪ جي نافرماني کان حياء ڪندا هئاسين ۽ (2): اسان الله پاڪ جي عطا ڪيل ٿوري رِزق تي راضي رهندا هئاسين۔([1])

تاج وتخت وحکومت مت دے                               کثرتِ مال و دولت مت دے

اپنی رِضا کا دیدے مُژدہ                                             یا اللہ مِری  جھولی  بھر  دے([2])


 

 



[1]... قوت القلوب، شرح مقام التوکل و وصف احوال المتوکلین، جلد:2، صفحہ:65۔

[2]... وسائل بخشش، صفحہ:123۔