Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
اسان جي دِل ۾ وسوسا اچڻ لڳندا آهن، زبان تي شڪوه شڪايت ڪرڻ لڳندا آهيون۔
الله! الله! اهي ڪيترا عظيم ماڻهو هئا، جوان ۽ نهايت متقي، فرمانبردار پُٽ جو انتقال ٿيو ۽ حضرت فضيل بن عياض رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مُرڪي رهيا آهن، ڇو...؟ ان ڪري جو رَبّ جي رضا اها هئي۔
جے سوہنا میرے دُکھ وِچْ راضی میں سُکھ نُوں چلھے پاواں
وضاحت: يعني جيڪڏهن منهنجي غمگين ٿيڻ سان منهنجو رَبّ راضي ٿئي ٿو ته مون کي سُک جي ڪا حاجت نه آهي، مون کي هي ڏُک ئي قبول آهن۔
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ منهنجو رَبّ آهي، هن جي رضا تي راضي رهڻ جو هڪ ٽيون درجو به آهي ۽ هي اهو درجو آهي جو هر مسلمان کي گھٽ مان گھٽ هن درجي تي لازمي هئڻ گھرجي۔ هي درجو ڪهڙو آهي؟ حضرت ابو علي دَقَّاق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: رِضا هي نه آهي ته ماڻهو کي تڪليف محسوس ئي نه ٿئي بلڪه رِضا هي آهي ته انسان الله پاڪ جي فيصلي تي اعتراض نه ڪري۔([1])
تڪليف پهتي، مصيبت آئي، ڪٿي چوٽ لڳي، ڪنهن عزيز جو انتقال ٿي ويو، غُربت اچي وئي، بيماري اچي وئي، هي شيون محسوس ٿين، دِل غمگين ٿي وڃي، اک مان لڙڪ نڪري اچن، هن ۾ ڪو حرج نه آهي، پر هي ضروري آهي ته اسان دِل ننڍي نه ڪريون، زبان تي شڪوا نه آڻيون، پنهنجي پياري رَبِّ