Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
پنهنجي رَبِّ ڪريم جي فيصلي تي اعتراض ڪري، الله پاڪ اسان جو رَبّ آهي، ان ئي اسان کي پيدا فرمايو، انهيء اسان کي زِندگي بخشي، اهو ئي اسان کي رِزق عطا فرمائي ٿو، ان ئي اسان جي لاءِ زمين جو فرش وڇايو، انهيء اسان جي لاءِ نيري آسمان جي ڇت بڻائي، هر طرح جون نعمتون اسان کي اهو ئي عطا فرمائي ٿو، اهو ئي اسان جو خالِق آهي، اهو ئي اسان جو مالِڪ آهي، اسان ته ٻانها آهيون ۽ ٻانهي جو اهو ئي حق آهي ته پنهنجي رَبّ جي فيصلي تي راضِي رهي۔ اَصل ۾ ڏٺو وڃي ته اعتراض الله پاڪ جي فيصلي تي نه آهي بلڪه اسان جي اُنهن خواهشن تي هئڻ گھرجي جيڪي الله پاڪ جي مرضي کان جدا آهن، مثلاً الله پاڪ مون کي غريب رکيو، ان جي باوُجُود منهنجي دِل ۾ امير هئڻ جي خواهش آهي ته گھرجي ته مان پنهنجي هن خواهش کي بُرو چوان، آخر هڪ ٻانهي جي دِل ۾ اهڙي خواهش ئي ڇو رهي جيڪا ان جي رَبّ جي مرضي جي خِلاف آهي؟ امام قشيري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: تقدير کان جيڪو ڪجھ ظاهر ٿئي، ان جي سامهون پنهنجن اختيارن کي ڇڏي ڏيڻ، هن کي عُبُودِيت (يعني بندگي) چيو ويندو آهي۔([1]) حضرت رُوَيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جيڪڏهن ٻانهي جي ساڄي هٿ تي پُورو جهنّم رکيو وڃي ته (ان تي اعتراض ڪرڻ ته رهيو پري، ان کي گھرجي ته) هي به نه چوي ته يا الله پاڪ! هن کي کاٻي هٿ تي رکي ڇڏ۔([2])
هڪ حديثِ قدسي ۾ آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: مان ئي الله آهيان، مون کان