ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

سِواء ڪو عبادت جي لائق نه آهي، پوءِ جيڪو منهنجي (ڏنل) مصيبت تي صبر نه ڪري، منهنجي نعمتن جو شڪر ادا نه ڪري ۽ منهنجي تقدير تي راضي نه ٿئي، ان کي گھرجي ته مون کان علاوه ڪو ٻيو رَبّ ڳولهي وٺي۔([1])

اَلاَمان والحفيظ!

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! هي فرمان تمام گھڻو اکيون کوليندڙ آهي. جيڪو شخص الله پاڪ جي تقدير تي، ان جي فيصلن تي راضي نٿو رهي، ان کي ڄڻ ڌڪاريو وڃي پيو، ان کي ٻڌايو وڃي پيو ته هو ٻانهو سڏرائڻ جو حقدار ئي نه آهي۔ اَصل ۾ ٻانهو ته اهو ئي آهي جيڪو رَبِّ ڪريم جي فيصلن تي راضي رهي ٿو۔

کس کے در پر میں جاؤں گا مولیٰ                                   گر   تُو   ناراض   ہو  گیا  یَا ربّ([2])

 ٻانهو ھئڻ ڪنهن کي چئبو آهي؟

اڳوڻي دَور ۾ غُلام باقاعده بازار ۾ وڪامندا هئا، هڪ ڀيري حضرت ابراهيم بن اَدھَم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي هڪ غُلام جي ضرورت پيش آئي، پاڻ بازار ۾ ويا، هڪ غُلام خريد ڪري گھر وٺي آيا، پاڻ ان غلام کان پڇيائون: تنهنجو نالو ڇا آهي؟ غُلام چيو: جنهن نالي کان اوهان پُڪاريو، اهو ئي منهنجو نالو آهي، پاڻ پڇيائين: توهان ڇا کائڻ جا عادِي آهيو؟ غُلام چيو: جيڪو اوهان کارايو، کائي وٺندس، پوءِ پڇيائون: ڪا خواهش هجي ته ٻڌايو! غُلام چيو: جيڪا اوهان جي خواهش آهي، اها منهنجي خواهش آهي۔ مان ته غُلام آهيان ۽ غُلام کي هنن


 

 



[1]... معجم کبیر ،جلد:22، صفحہ:321، حدیث:807 بتغیر ۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:80۔