ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

ڪريم جي فيصلي تي مَعَاذَ الله اعتراض نه ڪريون۔ حُضُور غوثِ اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا:   اَلْاِعْترَاضُ عَلَی الْحَقِّ مَوْتُ الدِّینِ وَ مَوْتُ التَّوْحِیْدِ وَ مَوْتُ التَّوَکُّل يعني الله پاڪ تي اعتراض ڪرڻ دِين جو به موت آهي، تَوحيد جو به موت آهي ۽ توڪل جو به موت آهي۔([1])

الله پاڪ تي اعتراض ڪفر آهي

شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري دَامَت بَرَڪاتُهمُ العَالِيه پنهنجي انمول ڪتاب ڪفريه ڪلمات جي بارے مين سوال جواب صفحي: 141 ۽ 142 تي لکن ٿا: الله پاڪ تي اعتراض ڪرڻ قطعي ڪفر آهي ۽ مُعتَرِض (يعني الله پاڪ تي اعتراض ڪرڻ وارو) ڪافِر آهي، الله پاڪ خالِق ۽ مالِڪ آهي، اُن جي پيدا ڪيل ٻانهي جو اُن تي اعتراض ڪرڻ اُن جي شديد ترين توهين آهي، مسلمان کي گھرجي ته الله پاڪ جي هر ڪم کي حڪمت ڀريو ئي يقين ڪري چاهي ان جي پنهنجي عقل ۾ اچي يا نه اچي۔ زَبان تي اچڻ ته رهيو پري، دل ۾ به اعتِراض کي جڳھ نه ڏئي۔([2])

اے خُدائے مصطفیٰ! ایمان پر ہو خاتمہ            مغفرت کر! واسطہ اَصْحاب و اَہْلِ بیت کا

رِضا ڇو ضروري آهي؟

اي عاشقانِ رسول! اسان ٻانها آهيون ۽ ٻانهي کي هي حق نٿو پهچي ته هو


 

 



[1]... الفتح الربانی، مجلس اول، صفحہ:9-10۔

[2]... کفریہ کلمات کے بارے میں سوال جواب، صفحہ:141-142 ملتقطاً۔