ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

شين بابت ڪو تعلق ناهي هوندو۔ان تي حضرت ابراهيم بن ادھم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سوچڻ لڳا: ڪاش! مان به الله پاڪ جو اهڙو ئي اطاعت گذار ٿين ها ته ڪيترو سٺو هو۔([1])

 اي عاشقانِ رسول! هن کي چئبو آهي، ٻانهو (يعني غُلام) ٿيڻ، ٻانهو اهو ئي هوندو آهي جنهن جي پنهنجي ڪا خواهش نه هجي، جنهن جي پنهنجي ڪا مرضي نه هجي، ٻانهو هميشه پنهنجي مالِڪ جي مرضِي تي هلندو آهي، ان ڪري اسان کي به گھرجي ته غربت اچي، پريشاني اچي، مصيبت اچي، ڪجھ به ٿئي، اسان الله پاڪ جي فيصلي تي مطمئن رهون، ڪڏهن به شڪوه شڪايت زبان تي نه آڻيون۔

الله پاڪ جنهن حال ۾ رکي، اهو ئي بهتر آهي

امام شَعراني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ٻانهي جي لاءِ بندگي جو شان هي آهي ته ٻانهو هر حال ۾ الله پاڪ کان راضِي ئي رهي، ڪنهن معاملي ۾ به دِل ننڍي نه هئڻ ڏي، جيڪو ڪجھ عطا ڪيو ويو، ان کان وڌيڪ جي خواهش نه ڪري، ان ڪري جو الله پاڪ اسان کان وڌيڪ اسان جي ڀلائي بابت ڄاڻ رکڻ وارو آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ عَسٰۤی اَنۡ تَکۡرَہُوۡا شَیۡئًا وَّ ہُوَ خَیۡرٌ لَّکُمۡ ۚ وَ عَسٰۤی اَنۡ تُحِبُّوۡا شَیۡئًا وَّ ہُوَ شَرٌّ لَّکُمۡ ؕ وَ اللّٰہُ یَعۡلَمُ  وَ اَنۡتُمۡ  لَا تَعۡلَمُوۡنَ )۲۱۶( (پاره: 2، سورۂ بقره: 216)

ترجَمو ڪنزُ العرفان: ۽ ممڪن آهي ته ڪا ڳالھ توهان کي ناپسند هجي حالانڪ اها توهان جي حق ۾ بهتر هجي ۽ ممڪن آهي ته ڪا ڳالھ توهان کي پسند اچي حالانڪ اها توهان جي حق ۾ بُري هجي ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ توهان نٿا ڄاڻو


 

 



[1]... تذکرۃ الاولیا، حضرت ابراہیم ادھم، صفحہ:78۔