ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

پنهنجي پُٽ کي فرمايو: توهان کي جيڪو به مُعَاملو پيش اچي، توهان کي سٺو لڳي يا بُرو، پنهنجي دِل ۾ اهو ئي رکو ته اهو توهان جي حق ۾ بهتر آهي۔ پُٽ عرض ڪيو: بابا سائين! هي ڳالھ ٿوري کولي سمجھايو! ايئن ڪيئن ٿو ٿئي سگھي جو هر ڳالھ منهنجي حق ۾ بهتر ئي هجي؟ حضرت لقمان حڪيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: هڪ علائقي ۾ الله پاڪ جا هڪ نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم تشريف فرما آهن، اچ! سندن خِدمت ۾ حاضِر ٿيون، هو اسان کي وڌيڪ بهتر نموني سمجھائيندا۔ پوءِ ٻئي (پيء، پُٽ) سَفَر جو سامان ٻڌي، ٻن جانورن تي سُوار ٿي عِلمِ دين سکڻ جي لاءِ نڪري پيا، گرمي به سخت هئي، سَفر ڊگھو هو، رستي ۾ ماني ۽ پاڻي ختم ٿي ويو، ٻنهي پيء پُٽن کي ٿڪاوٽ به ٿي، جانور به ٿڪجي پيا، هاڻي ٻئي جانورن تان لهي پيادل هلڻ لڳا، هلندي هلندي ڪافِي پري وڃي حضرت لقمان حڪيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي پري کان دونهون اٿندي نظر آيو، ڪجھ حوصلو ٿيو ته آبادي ويجھو ئي آهي پر اتي هڪ ٻئي مشڪل اچي ورائي ورتو، ڪا نوڪدار هڏي هئي، اها سندن پُٽ جي پير ۾ لڳي آر پار ٿي وئي، رت وهڻ لڳو، ڪيئي ڏينهن جا مُسَافِر، شديد گرمي، پاڻي به نه آهي، کاڌو به نه آهي، اهڙي حالت ۾ رت نڪتو ته حضرت لقمان حڪيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو شهزادو غَش کائي زمين تي ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو، پُٽ جي اها حالت ڏسي حضرت لقمان حڪيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، پاڻ وڏي مشڪل سان اها هڏي پير مان ڪڍي، پٽي ٻڌائون، ڪجھ بهتري ٿي ته پُٽ کي هوش اچي ويو، هاڻي سندن پُٽ عرض ڪيو: بابا سائين! اسان مُسَافِر آهيون، سخت گرمي به آهي، پاڻي ختم ٿي چڪو آهي، هن حالت ۾ مون کي چوٽ به لڳي آهي، نه اسان اڳتي هلڻ جي لائق