Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])
2 فرامينِ مصطفيٰ صَلّي الله عَلَيه وآلِه وسَلَّم: (1): جڏهن ٻانهو گھٽ کائيندو آهي، ان جو باطن نور سان ڀرجي ويندو آهي۔([2]) (2): جيڪو دُنيا ۾ گھٽ کائي، گھٽ پئي، الله پاڪ ملائڪن اڳيان ان تي فخر فرمائيندو آهي۔([3])
اي عاشقانِ رسول! گھٽ کائڻ سُنَّت آهي۔ * اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بک کان گھٽ کائيندا هئا، * پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جيستائين دُنيا ۾ تشريف فرما رهيا، ڪڏهن لاڳيتون ٻه راتيون پيٽ ڀري نه کاڌائون * پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بُک سبب پيٽ تي پٿر ٻڌندا هئا۔
کائڻ جي مِقدَار بابت اَحڪام: * بک رکي کائڻ سُنت آهي * جيتري بک آهي، اوترو کائڻ مُبَاح آهي (يعني هن ۾ نه گُنَاه، نه ثواب) * پيٽ ڀري ايترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو گمان ٿئي، حرام آهي * پيٽ ڀري ايترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو انديشو نه هجي، مڪروه آهي * غِذَا ۾ ايتري ڪمي ڪرڻ جو فرائض جي ادائيگي ۾ خلل اچي، ناجائز آهي۔([4])
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد: 3، حصو: 16