ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

اي عاشقانِ رسول! جڏهن الله پاڪ هر هڪ کي ڪمال ئي عطا فرمايو، رَبِّ ڪريم جي بارگاھ مان جنهن کي جيڪو مِلي رهيو آهي، 100 سيڪڙو ئي ملي رهيو آهي، هر هڪ جهڙي حال ۾ آهي، اهو ئي حال ان جي حق ۾ بهتر آهي ته ٻڌايو! شڪوه شڪايت جي گنجائش ئي ڪهڙي رِهجي وڃي ٿي، شڪوه تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن اسان سان نااِنصَافي ٿي رهي هجي، نااِنصَافي ته ٿي نه آهي، هر هڪ کي ڪمال ئي عطا ڪيو ويو، هر هڪ کي ان جي قابليت ۽ صلاحيت جي مطابق بهتر حالت ئي ۾ رکيو ويو ته اسان جو حق ٿئي ٿو ته اسان هن تي راضي رهون، هن جي باوُجُود به جيڪو الله پاڪ جي رِضا ۾ راضي نه آهي، شڪوه شڪايت ڪري ٿو، اهو ته ڄڻ هي چاهي ٿو ته اک ٻڌي ۽ ڪن ڏسي، جڏهن ته هي واضِح جهالت آهي، ڪن ڏسڻ جي لاءِ نه ٻڌڻ جي لاءِ آهن، اک ٻڌڻ جي لاءِ نه آهي، بلڪه ڏسڻ جي لاءِ آهي، لهٰذا الله پاڪ جنهن کي جتي رکيو، جهڙي حال ۾ رکيو، ان کي گھرجي ته ان تي راضِي رهي، ڪڏهن به زبان تي شڪوه شڪايت نه آڻي۔

راضي به رِضا رهڻ وارن جي لاءِ خوشخبري

الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايائون: طُوۡبٰی لِمَنۡ ھُدِیَ لِلۡاِسۡلَامِ وَ کَانَ رِزۡقُہٗ کَفَافًا وَ رَضِیَ بِہٖ يعني خوشخبري آهي ان جي لاءِ جنهن کي اسلام جي هدايت ڏني وئي، قدرِ ڪفايت رِزق ڏنو ويو ۽ هو ان تي راضي آهي۔([1])


 

 



[1]... احیاء العلوم ، جلد:5، صفحہ:159، ترمذی، کتاب الزہد، صفحہ:561، حدیث:2349 مفہوماً۔