Share this link via
Personality Websites!
نعمت ملڻ تي خوش ٿئي ٿو ته گھرجي آزمائش اچڻ تي به خُوشي ئي ٿئي، الله پاڪ جي ڪنهن فيصلي تي به دِل ننڍي نه ڪري، نه زبان تي شڪوه شڪايت آڻي.
ها! الله پاڪ کان دُنيا ۽ آخرت ۾ خير و عافيت جي دُعا ڪرڻ ۾ به ڪو حرج نه آهي!
اَللّٰھُمَّ اِنِّي اَسأَلُڪَ العَفوَ وَالعَافِيۃَ فِي الدُّنيا وَالآخِرَۃِ (اي الله! مان تو کان دنيا ۽ آخرت ۾ معافي ۽ هر بُرائي کان عافيت جو سوال ڪيان ٿو)۔
پُٽ جي وَفَات تي مُرڪڻ لڳا...!
حضرت فُضَيل بن عياض رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا ڪامل ولي ٿي گذريا آهن، ماڻهن کيس ڪڏهن مرڪندي نه ڏٺو هو، خوفِ خُدا، قبر ۽ آخرت، حساب ڪتاب، پُل صراط ۽ جهنّم جي عذابن وغيره جي باري ۾ غور ۽ فِڪر ڪندا رهندا هئا۔
حضرت فُضَيل بن عياض رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو هڪ پُٽ هو: حضرت علي بن فُضَيل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هي به گھڻو نيڪ، متقي، پرهيزگار، خوفِ خُدا وارو ۽ والدَين جو نهايت فرمانبردار هو، حضرت علي بن فُضَيل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ سورت زِلزَال مڪمل نه پڙھي سگھندا هئا، سورت زِلزَال ۾ قيامت جي هولناڪين جو بيان آهي، ان ڪري جڏهن به پاڻ سورت زِلزَال پڙھندا هئا يا ٻُڌندا هئا ته خوفِ خُدا جي سبب غَش کائي ڪري پوندا هئا۔ ايترا خوفِ خُدا رکندڙ بزرگ هئا۔
حضرت علي بن فُضَيل رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اڃا نوجوان ئي هئا ته سندن انتقال ٿي ويو، هر
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami