Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai
راضي آهيو۔([1])
تاج وتخت وحکومت مت دے کثرتِ مال و دولت مت دے
اپنی رِضا کا دیدے مُژدہ یا اللہ مِری جھولی بھر دے([2])
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
جنت ۾ وٺي وڃڻ وارا ٽي عمل
حضرت ابو سعيد خُدري رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ صحابيء رسول آهن، پاڻ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، مُحَمَّدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجو هٿ پڪڙي فرمايائون: يَا اَبَا سَعِيدٍ ثَلَاثَۃٌ مَن قَالَهُنَّ دَخَلَ الجَنَّۃَ يعني اي ابو سعيد! جيڪو ٽن شين جو اقرار ڪري، اهو جنّت ۾ داخِل ٿيندو۔ حضرت ابو سعيد خدري رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اهي ٽي شيون ڪهڙيون آهن؟ فرمايائون: مَن رَضِيَ بِاللهِ رَبًّا وَ بِالاِسلَامِ دِيناً وَ بِمُحَمَّدٍ رَسُولًا (1): يعني جيڪو الله پاڪ جي رَبّ هئڻ (2): اسلام جي دين هئڻ ۽ (3): مُحَمَّد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي رسول هئڻ تي راضِي ٿي وڃي۔([3])
هڪ روايت جا لفظ هي آهن: وَجَبَت لَهٗ الجَنَّۃُ يعني جيڪو شخص الله پاڪ جي رَبّ هئڻ، اسلام جي دين هئڻ ۽ مُحَمَّد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي رسول هئڻ تي