ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

محسوس ڪندي آهي * جڏهن اسان روزو رکندا آهيون ته دِل روزي جو لُطف محسوس ڪندي آهي * اسان تلاوت ڪريون * ذِڪر اَذڪار ڪريون * نيڪي جي دعوت ڏيون * نعت شريف پڙھون * عِلمِ دين سکون، مطلب ڪا به نيڪي ڪريون، اسان جي دِل ۾ انهن شين جو لُطف محسوس ڪرڻ جي صلاحيت رکي وئي آهي پر جهڙي طرح بعض اوقات جڏهن اسان بيمار ٿي وڃون، بُخار اچي ته اسان جي وات جو ذائقو بدلجي ويندو آهي، هر شيء ڪَڙي محسوس ٿيندي آهي، اهڙي طرح جڏهن دِل بيمار ٿي وڃي، دِل تي غفلت جا پردا پيل هجن، دِل گُنَاھ ڪري ڪري ڪاري ٿي وڃي، تڪبر، خود پسندي (Selfishness)، دُنيا جي محبت، مال جي محبت وغيره باطني بيماريون دِل ۾ پيدا ٿين ته اسان جي دِل به بيمار ٿي ويندي آهي، پوءِ نه نمازن ۾ لُطف ملندو آهي، نه روزا رکڻ ۾ سُرُور ايندو آهي، نيڪين ۾ دِل ناهي لڳندي، ايستائين جو دِل مان اِيمان جو نُور ۽ ان جو لُطف نڪري ويندو آهي، جنهن جي اهڙي حالت هجي، ان تي لازِم آهي ته هو پنهنجي دِل جو علاج ڪري ۽ ان عِلاج جو طريقو ڪهڙو آهي؟ اسان جي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ طريقو اسان کي هي اِرشاد فرمايو آهي ته ٻانهو الله پاڪ جي رَبّ هئڻ تي، اسلام جي دِين هئڻ تي ۽ مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نبي هئڻ تي سچّي دِل سان راضي ٿي وڃي، ان جي برڪت کان گُنَاهن جي ڪاراڻ ختم ٿي ويندي، دِل صاف ٿي ويندي ۽ ان کي ايمان جي نورانيت نصيب ٿيندي۔([1])

شيخِ مُحَقِّق، شيخ عبد الحق محدِّث دهلوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو شخص انهن ٽن ڳالهين (يعني الله پاڪ جي رَبّ هئڻ، اسلام جي دِين هئڻ ۽ مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي


 

 



[1]... لمعات التنقيح فی شرح مشكاة المصابيح، كتاب الايمان، جلد:1، صفحہ:78-79، تحت الحدیث:9 خلاصۃً۔