ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

لاءِ بيدار ڪرڻ۔ ياد رهي! نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائڻ آخري نبي، نبيء اُمِّي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنَّت آهي۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي کان وابسته عاشقانِ رسول سرڪارِ عالي وقار مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنَّت تي عمل جي جذبي جي تحت صبح فجر جي نماز کان پهريان گهٽي گهٽي وڃي بلند آواز کان درود وسلام پڙھندي ۽ ماڻهن کي بستر ڇڏي نمازِ فجر جي لاءِ دعوت ڏيندا آهن۔ اوهان به هن ديني ڪم ۾ حِصّو وٺو، صبح جلدي اُٿو، الله پاڪ نصيب ڪري ته نمازِ تهجد ادا ڪريو، ذِڪر ۽ درود ڪريو، اذانِ فجر جي بعد مدني مرڪز جي ڏنل طريقيڪار مطابق ماڻهن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳايو، هن عَمَل جي برڪت سان اِن شَآءَ الله الڪريم! کوڙ ثواب هٿ ايندو۔

ڪلمو پاڪ جو وِرد ڪرڻ لڳو

پنجاب، ضلعي اوڪاڙه جي شهر ديپالپور جي هڪ اسلامي ڀاء جو بيان آهي: منهنجو چاچو محمد رفيق عطاري دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ۽ شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَڪاتُهمُ العَالِيه جو مُريد هو، ماڻهن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ ان جو معمول هو، صبح جلدي اُٿي پري پري تائين وڃي مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ بيدار ڪندو هو، هن عادَت جي ڪري پوري ديپالپور ۾ مشهور هو، هڪ ڀيري فيصل آباد کان واپس گھر موٽي رهيو هو نمازِ عشاء جو وقت ٿيو ته گاڏي روڪي نماز ادا ڪئي ۽ ٻيهر سفر تي روانا ٿيا، گاڏي پنهنجي رفتار سان وڃي رهي هئي، اوچتو محمد رفيق عطاري بلند آواز کان ڪلمو پڙھيو ۽ فرمايائون: سڀئي ڪلمو پڙھو، سڀني ڪلمو پڙھيو، ٿوري دير گذري ته اوچتو گاڏي کي زور دار جھٽڪو لڳو ۽ گاڏي کائي ۾ وڃي