ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

امام شعراني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هن مان معلوم ٿيو الله پاڪ جيڪو ڪجھ عطا فرمايو آهي، جنهن حال ۾ رکيو آهي، جيڪڏهن ٻانهو ان جي عِلاوه ڪجھ ٻيو طلب ڪري ته هو ڄڻ هن ڳالھ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي ته هو الله پاڪ کان وڌيڪ عِلم رکڻ وارو آهي ۽ ٻانهي جي جاهل هئڻ جي لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي۔([1])

اَلاَمان وَ الحَفِيظ! اي عاشقانِ رسول ! غور فرمايو! جيڪڏهن اسان الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي نٿا رهون، جيڪو ڪجھ الله پاڪ عطا فرمايو آهي، ان تي راضِي نٿا ٿيون، جنهن حال ۾ الله پاڪ رکيو آهي، ان حال ۾ خوش نٿا ٿيون ته ڏسو! ڳالھ ڪيتري پري تائين وڃي پهتي، هي ڄڻ هن ڳالھ جي دعويٰ آهي ته ٻانهو الله پاڪ کان وڌيڪ عِلم رکي ٿو، جڏهن ته ايئن بلڪل به نٿو ٿي سگھي، الله پاڪ جو ئي عِلم ڪامِل آهي، ڪو به ان کان وڌيڪ عِلم وارو نه آهي، ان پنهنجي ازلي علم کان ڄاڻي ورتو ۽ جيڪو اسان جي حق ۾ بهتر آهي، اهو ئي عطا فرمايو آهي۔ لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان هر حال ۾ الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي ئي رهون۔

پير تي چوٽ ڇو لڳي...؟

حضرت لقمان حڪيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي باري ۾ منقول آهي، پاڻ هڪ ڏينهن


 

 



[1]... انوار القدسیہ فی بیان آداب العبودیہ، صفحہ:30۔