ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

آهيون، نه واپس موٽي سگھون ٿا،اسان جو ڪو حال پڇڻ وارو به نه آهي، ٻڌايو! هي سڀ ڪجھ منهنجي لاءِ بهتر ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟ حضرت لقمان حڪيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو: پٽ! هي جيڪا مصيبت اسان کي پهتي آهي، ٿي سگھي ٿو ته هن جي ذريعي ڪا وڏي مصيبت اسان کان پري ڪئي وئي هجي۔ اڃا هي ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته حضرت لقمان حڪيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي پري کان ڪو شخص ايندو نظر آيو، پاڻ ڪجھ مطمئن ٿيا پر جلد ئي اهو نگاهن اڳيان غائب ٿي ويو، پوءِ کين  هڪ آواز ٻُڌڻ ۾ آيو: اَنتَ لُقمَان ڇا توهان لقمان آهيو؟ جواب ڏنائون: جي ها! مان لقمان آهيان۔ پڇيائين: حڪيم لقمان؟ چيائون: ماڻهو ته ايئن ئي سڏين ٿا۔ پڇڻ واري وري پڇيو: توهان جي پُٽ ڇا چيو آهي؟ حضرت لقمان حڪيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پڇيو: توهان ڪير آهيو؟ سامهون ڇو نٿا اچو؟ آواز آيو: مان جبريل آهيان، مان صِرف نبين ۽ ملائڪن کي نظر ايندو آهيان۔ چيائون: جيڪڏهن اوهان جبريل آهيو، پوءِ  ته اوهان اسان جي حال کان واقِف هوندؤ؟ حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم فرمايو: الله پاڪ مون کي هڪ شهر تي عذاب نازِل ڪرڻ جي لاءِ موڪليو هو، جڏهن مان اتي پهتس ته مون کي معلوم ٿيو ته توهان ٻئي به ان شهر ڏانهن وڌي رهيا آهيو، ان ڪري مون الله پاڪ کان دُعا گھري: يا الله پاڪ! هنن ٻنهي کي هن شهر ۾داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏ، منهنجي دُعا قبول ٿي ۽ توهان جو پٽ تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو، جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ها ۽ توهان شهر ۾ داخِل ٿي وڃو ها ته توهان به شهر وارن سان گڏ عذاب ۾ گرفتار ٿي وڃو ها۔([1])


 

 



[1]...الرضا عن الله بقضائہ لابن ابی الدنیا، حکایات عن الراضین، صفحہ:62-63۔