ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

Book Name:ALLAH Pak Ki Raza Sab Say Bari Naimat Hai

ڪم جي مطابق صُورت به عطا فرمائي، پوءِ هر شيء کي ان جي صلاحيت ۽ ڪم جي مطابق اَسباب به عطا فرمايا آهن ۽ گڏوگڏ انهن سببن کي استعمال ۾ ڪيئن آڻڻو آهي، ان جي هدايت به فرمائي۔ مثلاً الله پاڪ اک ڏسڻ جي لاءِ پيدا فرمائي، ان ۾ ڏسڻ جي صلاحيت به رکي، ڪن ٻُڌڻ جي لاءِ پيدا فرمايا، ڪنن کي اُنهن جي ڪم جي مطابق شڪل و صُورت به عطا فرمائي ۽ ٻُڌڻ جي صلاحيت کان به نوازيو، پوءِ ڪمال هي ته هر شيء جو هڪ خاص مقصد آهي، ۽ هڪ خاص ڪم آهي، ڪن ٻڌن ٿا، ڏسي نٿا سگھن، اک ڏسي ٿي، ٻڌي نٿي سگھي، اهڙي طرح ڪائنات جي هر شيء پنهنجي هڪ جُدا مقصد جي تحت، پنهنجي عليحده ڪم جي لاءِ بڻائي وئي آهي، هر شيء کي ان جي صلاحيت ۽ ڪم جي مطابق شڪل و صُورت به ڏني وئي آهي، اَسبَاب به مهيا ڪيا ويا آهن ۽ اُن اَسبَاب کي استعمال ڪرڻ جي هدايت به عطا فرمائي وئي آهي۔([1])

امام شَعراني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن آيت جي وَضاحت ڪندي لکن ٿا: هي آيت تقاضا ڪري ٿي ته الله پاڪ پنهنجي حڪمتِ بالغه جي مطابق جنهن کي جيڪو عطا فرمايو آهي، اُن جي لاءِ ڪمال اهو ئي آهي * نبين کي نبوت عطا فرمائي اُنھن جي حق ۾ نبي هئڻ ڪمال آهي * وَلِين کي وِلايت عطا فرمائي اُنهن جي لاءِ وِلايت ڪمال آهي * عالمن کي عِلم عطا فرمايو، اُنهن جي لاءِ عِلم ڪمال آهي، مطلب جنهن کي جيڪو به عطا ٿيو، ان کي ڪمال ئي عطا ٿيو۔([2])

هن کي ايئن کڻي سمجھو ته الله پاڪ جي بارگاھ مان جنهن کي جيڪو به مِليو


 

 



[1]... روح المعانی، پارہ:16، سورۂ طہ، تحت الآیۃ:50، جز:16، جلد:8، صفحہ:683 بتغیر قلیل ۔

[2]... انوار القدسیہ فی بیان آداب العبودیہ، صفحہ:30۔