Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren
ياد رکو! ڪنهن شرعي مجبوري جي بغير ڄاڻي واڻي هڪ روزو به ڇڏڻ گناھِ ڪبيره، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي ويندڙ ڪم آهي، الله پاڪ اسان کي ماھِ رمضان جا مڪمل روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ رمضان المبارڪ جي بي قدري کان محفوظ فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
رمضان المبارڪ جي بي حُرمتي جو انجام
علّامه اِبنِ جَوزي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: الله پاڪ جي آخري رسول، رسولِ مقبول
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مون وٽ جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام حاضر ٿي عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! قيامت جي ڏينهن هڪ نوجوان کي آندو ويندو، هو غمگين هوندو، روئي رهيو هوندو، ملائڪ ان کي باھ ۽ لوهي جي گُرزَن(Iron Rods) سان ان کي هلائي رهيا هوندا، هو نوجوان هڪ هزار سال تائين اَلاَمَان! اَلاَمَان! پڪاريندو رهندو پر ان کي اَمَان نه ڏني ويندي، پوءِ ان نوجوان کي هڪ هزار سال کان بعد رب قَهار جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويندو، الله پاڪ عذاب جي ملائڪن کي حڪم ڏيندو ته ان کي اوندهي منهن جهنم ۾ وجھو! حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام جو هي بيان ٻُڌي حضور اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اي جبريل (عَلَيۡهِ السَّلَام)! اهو ڪير هوندو؟ عرض ڪيائين: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هي اوهان جو هڪ امتي هوندو۔ فرمايائون: ان جو گناھ ڪهڙو هوندو؟ عرض ڪيائين: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هي اهو بد نصيب هوندو، جنهن جي زندگي ۾ رمضان المبارڪ آيو پر ھن تَوبه ۽ اِستِغفَار جي بدران رمضان کي گُنَاهن ۾ گذاري ڇڏيو۔ ([1])
الله جي پناھ! الله جي پناھ! اي عاشقانِ رمضان! غور ته ڪريو! رمضان المبارڪ ۾ گُنَاھ ڪري هن مقدّس مهيني جي بي حرمتي ڪرڻ ڪيترو نقصان وارو آهي...! رمضان المبارڪ جي بي قدري ڪرڻ وارا هن مان عبرت حاصل ڪن، ٿورو ويچار ته ڪن...! اسان ڪيستائين هن دنيا ۾ زندھ رهنداسين؟