Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren
ايئن) ويهندس * ضرورت مهل سمٽجي، سُري ٻين جي لاءِ جڳھ ڪشاده ڪندس * ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس * گُھورڻ، ڇڙٻ ڏيڻ، اَٽڪڻ کان بچندس * بيان کان بعد پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن سان سلام ڪندس * هٿ ملائيندس * ۽ نيڪي جي دعوت پيش ڪندس۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم!
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! اَلحمدُ لِله! هڪ ڀيرو ٻيهر ماھ غُفْرَان، ماھ نُزولِ قرآن، ربَّ جي مهمان، رمضان المبارڪ جي آمد آمد آهي۔ ڪجھ ئي ڏينهن بعد اعلان ٿيندو: مبارڪ هجي! رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچي ويو آهي۔ هي اعلان ٻڌندي ئي * عاشقانِ رمضان جون دليون خوشي مان جھومڻ لڳنديون * چهرن تي تازگي اچي ويندي * مسجدن جي رونق وڌي ويندي * تراويح جو سلسلو
* فرض نمازون * ڪو نفلن جي ڪثرت ڪري رهيو هوندو * ڪو تلاوتِ قرآن جي سَعَادت ماڻي رهيو هوندو * سحري ۽ افطاري جون رونقون هونديون * ۽ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! زندگي جو لُطف ويتر وڌي رهيو هوندو۔
خُدا کی ہے عنایت ماہِ رمضان آنے والا ہے ہوئی مولیٰ کی رحمت، ماہِ رمضان آنے والا ہے
مہِ رمضاں، مہِ غفراں، مہِ سُبْحاں، مہِ رحماں کھلیں گے بابِ جنّت، ماہِ رمضان آنے والا ہے
مساجِد ہوں گی پھر آباد، شیطاں جل مرے ناشاد ملے مؤمن کو فرحت، ماہِ رمضان آنے والا ہے
خُوشی سے جھومتا ہے دِل، مچی ہے قلب میں ہلچل مِلی عاشق کو فرحت، ماہِ رمضان آنے والا ہے([1])
رمضان جو مهينو مهينن جو سردار آهي
الله پاڪ جي فضل سان رمضان ڪيترن ئي برڪتن ۽ عظمتن ڀريو مهينو آهي، جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: سَیِّدُ الشُّہُوْرِ شَہْرُ رَمَضَان يعني رمضان مهينن جو سردار آهي۔([2])