Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

تراویح اور نمازوں میں، کمی ہو گی نہ روزوں میں    کرو مل کر یہ نیّت، ماہِ رمضان آنے والا ہے

نبی کے عشق میں روؤں، مدینے کے لئے تڑپوں   خُدا دے سوز و رِقَّت، ماہِ رمضان آنے والا ہے

رہوں قائِم میں توبہ پر، خُدایا فضل ایسا کر       گُنَاہوں سے دے نفرت،  ماہِ رمضان آنے  والا ہے([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

(2): رمضان المبارڪ ۾ غفلت کان بچو

حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، سرڪارِ عالي وقار ، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ان ذات جو قسم جنهن جي نالي جو قسم کنيو ويندو آهي! بيشڪ توهان تي هڪ بهترين مهينو ڇانو ڪرڻ وارو آهي، هي اهو مهينو آهي جو مسلمانن وٽ هن کان بهتر مهينو ناهي ايندو ۽ منافقن وٽ هن کان وڌيڪ نقصان وارو  مهينو ڪڏهن ناهي ايندو۔

پوءِ پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي هن فرمانِ عاليشان جي وَضاحت ڪندي فرمايو: بيشڪ جڏهن رمضان ايندو آهي ته مسلمان پنهنجي قوت کي عبادت جي لاءِ گڏ ڪندو آهي جڏهن ته منافق پنهنجي مٿان غفلت ويڙهي ڇڏيندو آهي، پوءِ هي مهينو مسلمانن جي لاءِ غنيمت آهي ۽ منافقن جي لاءِ بوجھ آهي۔([2])

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدُلله! رمضانُ المبارڪ جي آمد ٿيندي آهي ته مسجدن ۾ رونق لڳي ويندي آهي، تلاوت ڪرڻ وارن ۾ به اضافو ٿي ويندو آهي، عبادت گذارن ۾ به اضافو ٿي ويندو آهي، اهي ماڻهو جيڪي سڄو سال


 

 



[1]... وسائل  فردوس،صفحہ:24 و 25 ملتقطاً۔

[2]... موسوعہ ابن ابی الدنیا ، فضائل شہر رمضان ،جلد:1،صفحہ:365،حدیث:16۔