Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

نمازن جي طرف نٿا اچن، انهن کي به هدايت ملندي آهي، اهي به مسجدن ڏانهن ايندا آهن، البته ماڻهن جو هڪ تعداد آهي جيڪو رمضان المبارڪ ۾ به غفلت جي چادر اوڍي رکن ٿا، رمضان المبارڪ ۾ به مسجدن جو رُخ نٿا ڪن، الله پاڪ اسان سڀني کي نيڪي جي توفيق عطا فرمائي، اسان منافقن وارن ڪمن کان بچون، نيڪيون ڪريون ۽ نيڪن جي پيروي اختيار ڪريون۔

نصیب  تیرے کرم سے چمک اُٹھا یارَبّ!   جہاں میں پھر مہِ رمضان آگیا یارَبّ!

ہے لاکھ لاکھ ترا شکر پھر دیا رمضان       کرم سے ذوقِ عبادت بھی ہو عطا یارَبّ! ([1])

رمضان المبارڪ جي ٽن وقتن جي خصوصي حفاظت ڪريو!

اي عاشقانِ رسول! رمضان المبارڪ جا بالخصوص 3 وقت اهي آهن، جن ۾ عُمُوماً غفلت ڏسڻ ۾ ايندي آهي، يعني جيڪي ماڻهو روزا رکندا آهن، عبادت ڪندا آهن، پُوري تراويح پڙھندا آهن، تِلاوت به ڪندا آهن، انهن جو به هڪ تعداد آهي جيڪو هنن 3 وقتن کي غفلت ۾ گذاريندا آهن: (1):افطار جو وقت: هي وقت دُعا جي قبوليت جو وقت آهي پر جيئن ته سڄو ڏينهن روزو هوندو آهي، ان وقت جسماني طَور تي ڪمزوري محسوس ٿي رهي هوندي آهي، شايد ان ڪري دُعائون گھرڻ ۽ ذِڪر اَذْڪار وغيره کان غفلت ٿي ويندي آهي۔ (2):مغرب کان عشاء تائين جو وقت: هي وقت به عموماً غفلت جي نذر ٿي ويندو آهي، افطاري ڪيل هوندي آهي، ڪي ماڻهو افطاري ۾ تمام گھڻو کائي وٺن ٿا ته سست ٿي ويندا آهن (3): اهڙي طرح فجر کان بعد جو وقت: ان وقت عُمُوماً ننڊ جو غلبو ٿيندو آهي، ماڻهن جو هڪ تعداد آهي فجر پڙھندي ئي سمهي پوندا آهن، حالانڪه هي وقت گھڻو قيمتي آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ کان دعا گھري ته ياالله پاڪ! منهنجي امت جي لاءِ صبح جي وقت ۾ برڪت رکي ڇڏ۔([2])


 

 



[1]... وسائل فردوس ،صفحہ:26۔

[2]... ترمذی،کتاب البیوع،باب ماجاء فی التبکیر بالتجارۃ،صفحہ:316 ،حدیث:1212۔