Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren
ٽيويهين، پنجويهين، ستاويهين ۽ اوڻٽيهين رات) مان ڪنهن هڪ رات ۾ هوندي آهي، هن باري ۾ ٻيا به کوڙ قول آهن، گهڻو ڪري عالم سڳورا هن پاسي آهن ته رمضان المبارڪ جي ستاويهين رات شبِ قدر ٿيندي آهي۔ اسان کي گھرجي ته سڄو رمضان ئي غفلت کان بچون، بالخصوص آخري عشري جي اڪي راتين ۾ ته ضرور بالضرور عبادت ڪريون۔
بھائیو! بہنو! کرو سب نیکیوں پر نیکیاں پڑ گئے دوزَخ پہ تالے، قید میں شیطان ہے
بھائیو! بہنو! گُنَاہوں سے سبھی توبہ کرو خُلد کے دَر کھل گئے ہیں داخِلہ آسان ہے([1])
رمضان المبارڪ جي پنجين اهم عبادت آهي: اِعتڪاف۔ نفل اعتڪاف ته ڪنهن به وقت ڪري سگھجي ٿو پر جيڪو اعتڪاف سنّتِ مؤڪده آهي، اهو رمضان المبارڪ ۾ ئي ٿيندو آهي۔ پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پوري رمضان جو اعتڪاف ڪرڻ به ثابت آهي ۽ آخري عشري جو اعتڪاف ته اسان جي آقا و موليٰ، تاجدارِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي گھڻو محبوب هو، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آخري عشري جي اعتڪاف جو گھڻو اهتمام ڪندا هئا۔ ايستائين جو هڪ ڀيري ڪنهن سبب کان رمضان المبارڪ ۾ اعتڪاف نه ٿي سگھيو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شوال ۾ اعتڪاف ڪيائون۔([2])
* الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: جيڪو الله پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي جي لاءِ هڪ ڏينهن جو اعتڪاف ڪندو الله پاڪ ان جي ۽ جهنّم جي وچ ۾ 3 خندقون حائِل (روڪ) ڪندو، هر خندق جي مَسَافت (يعني دُوري) اوڀر ۽ اولھ جي فاصلي کان به وڌيڪ آهي۔([3]) * اُمُّ المُؤمِنِين