Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren
حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: مَنْ اِعْتَڪَفَ اِيمَاناً وَ اِحْتِسَابًا غُفِرَ لَهٗ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهٖ جنهن ايمان سان ۽ ثواب حاصِل ڪرڻ جي نيت سان اعتڪاف ڪيو ان جا اڳوڻا گناھ بخشيا ويندا۔([1]) * هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايائون: جنهن رمضان المبارڪ ۾ 10 ڏينهن جو اعتڪاف ڪيو اهو هيئن آهي جيئن 2 حج ۽ 2 عمرا ڪيائين۔([2])
اجتماعي سُنَّت اعتڪاف جي ترغيب
پيارا اسلامي ڀائرو! اعتڪاف پراڻي عبادت آهي، پوئين اُمتين ۾ به اعتڪاف جي عبادت موجود هُئي. 2022ء جي رمضان المبارڪ ۾ دعوتِ اسلامي، پوري مهيني جو 63 مقامن تي ۽ آخري عشري تي 13500 کان وڌيڪ مقامن تي اعتڪاف ڪرائڻ جو عزم رکي ٿئي. اوهان به پورو رمضان يا گهٽ ۾ گهٽ آخري عشري جي اجتماعي اعتڪاف جي نيت ڪريو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! ماھِ رمضان المبارڪ ۾ گناهن کان بچڻ، نيڪيون ڪرڻ، نفل عبادتن جو شوق وڌائڻ سان گڏوگڏ تمام گهڻو علم دين به سکڻ جي لاءِ ملندو، اعتڪاف جي حوالي سان معلومات جي لاءِ هن نمبر تي رابطو ڪريو: 0311.1021226 اچو! ترغيب جي لاءِ اجتماعي اعتڪاف جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:
گناهن ڀري زِندگي ۾ بهار اچي وئي
ڊيره الله يار (صُوبي بلوچستان، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: مان پهريان گُنَاهن جي دلدل ۾ غرق هئس، فلمون ڏسڻ ۽ بدنگاهي وغيره منهنجا پسنديده مشغلا هئا، هڪ ڀيري هڪ عاشِقِ رسول اسلامي ڀاءُ سان منهنجي ملاقات ٿي، ان وڏي پيار ڀري انداز سان مون کي اجتماعي سُنّت اعتڪاف ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ان جو حڪمت ڀريو ۽ پيارو انداز ڏسي منهنجي دِل نرم ٿي ۽ مان رمضان المبارڪ ۾ اجتماعي اعتڪاف ۾ شرڪت