Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

تي پاڻي پيئڻ لاءِ ايندو هو ته ان کي روڪيو ويندو هو، هو شخص انهيء حالت ۾ هو جو (ان جا نصيب چمڪيا، ان تي ڪرم ٿيو) ان رمضان المبارڪ جا جيڪا روزا رکيا هئا، انهن مان هڪ روزو ان وٽ آيو ۽ ان اُڃايل شخص کي پڪڙي حوض تي وٺي ويو ۽ ان کي پاڻي پيئاري سيراب ڪري ڇڏيو۔([1])

سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! روزي جون ڪهڙيون برڪتون آهن؟ مسلمانن جو هڪ تعداد آهي جيڪو رمضان المبارڪ جا روزا نٿو رکي، ڪو موسَم جو بهانو بڻائي ٿو ته گرمي گھڻي آهي، ان ڪري روزا نٿا رکيا وڃن، ڪنهن کي ڪمائڻ جو فِڪر آهي، ڪو چوي ٿو: رِزق حلال به ته عبادت آهي، روزو رکيو ته ڪم نه ٿي سگھندو ته ٻارن کي ڪٿان کان کارائيندس؟ وغيره وغيره۔ اڄ دِل جي تسلي جي لاءِ شايد هي بهانا ڪم ڪري رهيا هوندا پر قيامت جي ڏينهن ڇا ٿيندو؟ قيامت جي ڏينهن حشر جي ميدان ۾ ڪيتري گرمي هوندي! سج سوا ميل تي رهي باھ وسائي رهيو هوندو، ٽامي جي ٽهڪندڙ زمين هوندي، دماغ ٽهڪي رهيا هوندا، پگھر وهي رهيو هوندو، ڪنهن جي گوڏن تائين پگھر هوندو، ڪنهن جي پٺي تائين پگھر هوندو، ڪو سيني تائين پنهنجي ئي پگھر ۾ ٻُڏل هوندو ۽ ڪو ته پنهنجي ئي پگھر ۾ غوطا کائي رهيو هوندو، ان شدَّت واري گرمي ۾ روزيدارن جا اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! مزا ئي مزا هوندا۔

ميدانِ محشر ۾ روزيدارن جا مزا هوندا

حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، غيب ڄاڻڻ واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: قيامت جي ڏينهن روزيدارن جي  وات  مان مشڪ جي خوشبو اچي رهي هوندي، ان جي لاءِ عرش جي ڇانو ۾ هڪ دسترخوان لڳايو ويندو، روزيدار ان دسترخوان تان کائي پي رهيا هوندا جڏهن ته ماڻهو حساب ڪتاب جي مشقت ۾ مبتلا هوندا۔([2])


 

 



[1]... لطائف المعارف،وظائف شہررمضان المعظم ،صفحہ:218۔

[2]... لطائف المعارف،وظائف شہررمضان المعظم ،صفحہ:218۔