Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

رمضان المبارڪ جون 5 خصوصي عبادتون

پيارا اسلامي ڀائرو! حڪيم الامت، مفتي احمديار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رمضان المبارڪ جون 5 خصوصي عبادتون آهن: (1): روزو (2): تراويح (3): تِلاوتِ قرآن (4): شبِ قدر جي عبادت (5): ۽ اعتڪاف۔([1])

(1):روزي جون فضيلتون

هونئن ته عام ڏينهن ۾ به نفلي روزا رکيا ويندا آهن پر رمضان المبارڪ جا روزا الله پاڪ فرض ڪيا آهن۔ قرآن ڪريم ۾ آهي:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا كُتِبَ عَلَیْكُمُ الصِّیَامُ كَمَا كُتِبَ عَلَى الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُوْنَۙ(۱۸۳)  (پاره:2،سورۂ بقره:183)

ترجمو  ڪنز العرفان: اي ايمان وارؤ! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا جيئن توهان کان اڳين ماڻهن تي فرض ڪيا ويا ته جيئن توهان پرهيزگار بڻجي وڃو.

امام نخعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رمضان المبارڪ جو هڪ روزو ان جي علاوه ڏينهن ۾ هڪ هزار روزن کان افضل آهي۔([2])

روزو سيراب ڪندو

  حضرت عبدالرحمن بن سَمُرَه رَضِىَ اللهُ عَنْه صحابيء رسول آهن، پاڻ هڪ وڏي حديث پاڪ روايت ڪئي آهي، هن حديثِ پاڪ ۾ حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ خواب جو تذڪرو آهي (انبياء ڪرام عليهمُ السَّلام جا خواب پڻ وحي ٿيندا آهن)، هن حديثِ پاڪ ۾ هي به آهي، پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مون پنهنجي هڪ امتي کي ڏٺو، هو اُڃ سبب بي حال هو، جڏهن به هو حوض


 

 



[1]... تفسیر نعیمی ،پارہ:2 ،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:185،جلد:2،صفحہ:228 ۔

[2]... لطائف المعارف،وظائف شہررمضان المعظم ،صفحہ:209۔