Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

قرآنِ ڪريم ختم ڪندا ها * امام نخعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو معمول مبارڪ ايئن هو ته پاڻ رمضان المبارڪ جا ابتدائي 20 ڏينهن هر ٽن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو خَتمِ قرآن ڪندا هئا ۽ آخري عشري ۾ هر 2 راتين ۾ هڪ ڀيرو خَتمِ پاڪ ڪندا ها * حضرت قتاده رَضِىَ اللهُ عَنْه هميشه (يعني سال جي عام ڏينهن ۾ به) 7 ڏينهن ۾ هڪ خَتمِ پاڪ ڪندا هئا پر رمضان المبارڪ ايندو هو ته سندن شوقِ تلاوت وڌي ويندو هو ۽ پاڻ هر 3 ڏينهن ۾ هڪ خَتمِ پاڪ ڪندا ها، پوءِ جڏهن آخري عشرو ايندو هو ته تلاوت جو ذوق ويتر وڌي ويندو هو ۽ پاڻ هر ڏينهن هڪ خَتمِ پاڪ ڪندا ها۔ * امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رمضان المبارڪ ۾ 60 قرآن پڙھندا هئا۔ * ۽ امام اعظم، امام ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ته وڏو شان آهي، پاڻ به رمضان المبارڪ ۾ 61 قرآنِ ڪريم ختم ڪندا ها۔([1])

ڪاش! اسان کي به توفيق ملي، اسان به قرآن ڪريم جي تلاوت ڪريون۔

ہر روز میں قرآن پڑھوں کاش! خدایا      اللہ! تلاوت میں مرے دِل کو لگا دے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(4):شبِ قدر ۾ عبادت ڪرڻ

اي عاشقانِ رسول! رمضان المبارڪ جي چوٿين اهم ۽ خصوصي عبادت آهي: شبِ قدر ۾ عبادت ڪرڻ۔ شبِ قدر وڏي برڪتن ڀري ڀلاري رات آهي، هن کي لَيلَةُ القَدر به چيو ويندو آهي۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

لَیْلَةُ الْقَدْرِ ﳔ خَیْرٌ مِّنْ اَلْفِ شَهْرٍؕؔ(۳)  (پاره:30،سورۂ قدر، آيت:3)          

ترجمو ڪنزالعرفان: شب قدر هزار مهينن کان بهتر آهي.

 سُبْحٰنَ الله!  جيڪو ٻانهو شبِ قدر ۾ عِبَادت ڪري، ان کي هڪ هزار مهينن (يعني 83 سال 4 مهينن) کان به وڌيڪ عبادت جو ثواب ملي ٿو۔

شبِ قَدر رمضان المبارڪ جي آخري عشري جي اِڪي راتين (يعني ايڪهين،


 

 



[1]... لطائف المعارف،وظائف شہر رمضان المعظم،صفحہ:237۔