Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren
سُبْحٰنَ الله! رمضان المبارڪ جو ڪيڏو نه وڏو شان آهي! الحمدُ لله! مهينن جو سردار اچي رهيو آهي۔ الله پاڪ اسان کي هن مُقَدَّس مهيني جي قدر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، ڪاش! اسان رمضان المبارڪ ۾ ڪثرت سان عبادت ڪريون، خوب روزا رکون، تِلاوت ڪريون، ذِڪر و درود ڪريون۔ الله پاڪ توفيق بخشي۔
بھائیو بہنو! کرو سب نیکیوں پر نیکیاں پڑ گئے دوزخ پہ تالے قید میں شیطان ہے([1])
”اِستقبالِ رمضان“ ۽ معمولات مُصطفيٰ
اسان جي پياري نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رمضان المبارڪ سان تمام گھڻي محبت ڪندا هئا، سن 2 هجري ۾ رمضان جا روزا فرض ٿيا۔([2]) ان کان بعد پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وصال ظاهري تائين ڪُل 9 ڀيرا رمضان المبارڪ جي حاضري ٿي۔
(1):آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آمدِ رمضان جي خوشخبري ڏيندا هئا!
حضرتِ ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو معمول مبارڪ هو ته رمضان المبارڪ ايندو هو ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان کي آمدِ رمضان جي خوشخبري ڏيندا ها۔([3])
ماہِ رمضاں جہاں میں پھر آیا مغفرت کا پیام ہے لایا
رحمتِ حق کا ہو گیا سایہ لحظہ لحظہ نزولِ رحمت ہے([4])