Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren
سڀني کي دين ۽ دنيا جون ڀلايون نصيب ڪري.
آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: عمامي سان گڏ ٻه رڪعتون نماز (پڙهڻ) بغير عمامي جي ستر 70 رڪعتن کان افضل آهي۔([2])
* ”بهارِ شريعت “جلد 3 صفحه:660 تي آهي: عمامو بيهي ڪري ٻڌو ۽ پاجامو ويهي پايو، جنهن ان جو اُلٽ ڪيو (يعني عمامو ويهي ٻڌو ۽ پاجامو بيهي پاتائين) اهو اهڙي مرض ۾ مبتلا ٿيندو جنهن جي ڪا دوا ناهي (يعني طبيبن کي دوا جو علم نه آهي) *عمامو ٻڌڻ کان پهريان بيهي رهو ۽ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو نه ته هڪ به چڱي نيت نه هئي ته ثواب نه ملندو۔ مثال طور هي نيتون ڪريو: * قبلي رُو * بيهي بيهي * رضاءِ اِلٰهي جي لاءِ * سُنت تي عمل ڪندي عمامو ٻڌي رهيو آهيان * مناسب آهي ته عمامي جو پهريون وَر مٿي جي ساڄي پاسي وڃي * الله پاڪ جي آخري رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ عمامي جو شِملو عموماً پٺي مبارڪ تي هوندو هو ۽ ڪڏهن ساڄي پاسي، ڪڏهن ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ ٻه شِمله هوندا هئا * کاٻي پاسي شِملو لٽڪائڻ خلاف سنت