Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

الله پاڪ اسان کي غفلت کان بچائي، ڪاش! سڄو رمضان بلڪ سڄي زندگي نيڪين ۾ گذري۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

(3):رمضان المبارڪ جي هڪ زبردست برڪت

ڏهين صدي هجري جي مشهور عالِم دِين، ڪامِل ولي حضرت مُجَدِّد الف ثاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رمضان المبارڪ جون برڪتون بيان ڪندي فرمائن ٿا: رمضان المبارڪ اهو بابرڪت مهينو آهي جو سڄي سال ٻانهي کي جيڪا به برڪت ملي ٿي، جنهن ذريعي سان به ملي ٿي، اهي تمام برڪتون رمضان المبارڪ جي برڪت ڀري درياء مان هڪ قطرو آهن۔ وڌيڪ فرمائن ٿا: جنهن شخص کي رمضان المبارڪ ۾ جمعيت نصيب ٿي وڃي ان کي سڄو سال جمعيت نصيب رهي ٿي۔([1])

هن هنڌ جمعيت مان مراد آهي: دِل جمعي ۽ استقامت۔ مطلب هي ته جنهن شخص کي رمضان ۾ استقامت ملي وئي، ان کي سڄو سال استقامت ملندي رهندي، مثال طور * ڪو چاهي ٿو ته مان تهجد گذار بڻجي وڃان، اهو سڄو رمضان پهرين رمضان کان وٺي رمضان جي آخري ڏينهن تائين پابندي سان تهجد ادا ڪري، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم!  الله جي ڪرم سان ان کي تهجد تي استقامت نصيب ٿي ويندي * جيڪو شخص چاهي ٿو ته مون کي تلاوتِ قرآن تي استقامت ملي وڃي هو سڄو رمضان استقامت سان تلاوتِ قرآن ڪندو رهي اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم!  ان کي تلاوتِ قرآن تي استقامت ملي ويندي * جيڪو صدقو ۽ خيرات جي عادَت بنائڻ چاهي ٿو، اهو رمضان المبارڪ ۾ خوش دِلي سان خوب صدقو ۽ خيرات ڪري اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! ان کي پوري سال صدقي ۽ خيرات ڪرڻ تي استقامت ملندي رهندي * جيڪو نفلن جي ڪثرت تي استقامت چاهي ٿو، سڄي رمضان استقامت سان نفل ادا ڪري، نفلن جي ڪثرت ان جي عادَت جو حِصو بڻجي ويندي۔ مطلب ته جيڪو شخص جنهن نيڪي تي استقامت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، هو رمضان ۾ پابندي سان اها نيڪي ڪري اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم!  الله پاڪ رمضان جي برڪت سان ان نيڪي تي استقامت عطا فرمائي ڇڏيندو۔


 

 



[1]... مکتوبات امام ربانی،مکتوب چہارم ،جلد:1،صفحہ:11۔