Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren
رمضان ۾ عمومي غفلت وارو وقت ڪيئن گذارجي؟
سُبْحٰنَ اللّٰه! خبر پئي ته اهي وقت جڏهن عموماً ماڻهو غفلت جو شِڪار ٿيندا آهن، ان وقت عِبَادت ڪرڻ گھڻو پسنديده آهي۔ لهٰذا رمضان المبارڪ ۾ عموماً غفلت ۾ گذرڻ وارن وقتن خاص ڪري نيڪين جو جدوَل بنائڻ گھرجي۔ عصر کان بعد شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتهمُ الْعَالِيه مدني مذاڪرو ڪندا آهن جيڪو افطار تائين هلي ٿو، ٿئي سگھي ته عَصر جي نماز باجماعت ادا ڪرڻ کان بعد اِفطار تائين مدني چينل تي حاضِر رهو، ڪيئي ماڻهو عصر کان بعد ڪم ڪار مان فارِغ ٿي گھر اچي رهيا هوندا آهن، انهن کي گھرجي ته رستي ۾ چاهي گاڏي هلائي رهيا هجو ته به زبان سان ذِڪرُ الله ڪندا رهو، درودِ پاڪ پڙھندا رهو ۽ خاص ڪري جڏهن افطار جو وقت ٿيندو آهي ، ان کان ڪجھ منٽ پهريان سڀ ڪجھ ڇڏي پنهنجي لاءِ، پنهنجي گھروارن جي لاءِ، والدين جي لاءِ، استادن جي لاءِ، پير و مرشد جي لاءِ بلڪه تمام مسلمانن جي لاءِ دُعائون گھرو، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! هن جون برڪتون نصيب ٿينديون۔
* مغرب جي نماز باجماعت ادا ڪرڻ کان بعد اَوَّابين جا 6 نفل ادا ڪريو * مغرب کان بعد مدني چينل تي تمام سٺا پروگرام اچن ٿا، ان وقت مدني چينل ڏسڻ جو جدول بڻائي وٺو! * تراويح کان بعد لائيو مدني مذاڪري جو سلسلو ٿئي ٿو، ان ۾ به شرڪت ڪريو! * نماز فجر کان بعد تِلاوت ڪريو، اوراد و وظائِف پڙھي وٺو۔ پوءِ سج اُڀرڻ جي تقريباً 20 منٽ کان بعد اشراق چاشت جا نفل پڙهو، ان کان بعد چاهيو ته آرام فرمايو۔ اُمُّ المُومِنِين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها جو هي معمول هو ته پاڻ فجر نماز کان بعد قرآن ڪريم جي تلاوت ڪنديون هيون۔([1])