Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren
آهي * عمامي جي شِملي جو مقدار گھٽ مان گھٽ چار آڱر * ۽ وڌ مان وڌ (اڌ پٺي تائين يعني تقريباً) هڪ هٿ (وچين آڱر جي چوٽي کان ٺونٺ تائين جي ماپ هڪ هٿ چئبي) * عمامو قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي ٻڌو.* مِرۡاٰت شريف ۾ آهي عِمامو بيهي ٻڌڻ سنّت آهي مسجد ۾ ٻڌي يا ڪنهن ٻي هنڌ *عمامي ۾ سنّت هي آهي ته اڍائي گز کان گھٽ نه هجي، نه 6 گز کان وڌيڪ ۽ ان جي بندش گنبد نُما هجي۔ * ننڍو رومال جنهن سان صرف هڪ ٻه وَر اچي سگھن ٻَڌڻ مڪروهه آهي * عمامي کي جڏهن نئي سري سان ٻڌڻو هجي ته جيئن ٻڌيل آهي ائين کوليو ۽ هڪ مهل زمين تي نه اُڇلايوجيڪڏهن ضرورتاً لاٿو، ۽ ٻيهر ٻَڌڻ جي نيّت هجي ته هڪ هڪ پيچ کولڻ تي هڪ هڪ گناهه مٽايو ويندو۔([1])
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 91 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔
پاؤ گے بخششیں قافلے میں چلو جنّتیں بھی ملیں قافلے میں چلو
رزق کے در کھلیں، قافلے میں چلو برکتیں بھی ملیں قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرماءِ۔
آمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد