Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

(2):رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسي پڙھڻ جي دُعا

استقبالِ رمضان جي حوالي سان حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هي به مبارڪ معمول هو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسي هي دعا پڙهندا هئا:

اَللَّهُمَّ أَهِلَّهُ عَلَيْنَا بِالْأَمْنِ وَالْاِيْمَانِ وَالسَّلَامَةِ وَالْاِسْلَامِ وَالْعَافِيَةِ الْمُجَلَّلَةِ وَرَفْعِِ الْاَسْقَامِ وَالْعَوْنِ عَلَى الصِّيَامِ وَالصَّلَاةِ وَتِلَاوَةِ الْقُرْآنِ اَللَّهُمَّ سَلِّمْنَا لِرَمَضَانَ وَسَلِّمْهُ لَنَا وَتَسَلَّمْهُ مِنَّا حَتَّى يَخْرُجَ رَمَضَانُ وَقَدْ غَفَرْتَ لَنَا وَرَحِمْتَنَا وَعَفَوْتَ عَنَّا([1])

       مطلب: اي الله پاڪ! هن چنڊ کي اسان تي امن، ايمان، سلامتي، اسلام، مڪمل عافيت، بيمارين کان نجات، روزن، نمازن ۽ تلاوتِ قرآن تي مدد جو ذريعو بڻاءِکانااپاڻ ڪريمهيوهان ڏانهن اچي رهيو۔ اي پيارا الله پاڪ! رمضان المبارڪ کي اسان جي لاءِ سلامتي وارو بڻاءِ، اسان جي طرفان هن کي سلامت رک، هي مبارڪ مهينو اسان کان ايئن رخصت ٿئي جو اسان جي مغفرت ٿي چڪي هجي، تنهنجون رحمتون اسان کي نصيب ٿين ۽ تنهنجي طرفان مُعَافي اسان جو مقدّر بڻجي چڪي هجي۔

اِلٰہی! عافیت دینا، سلامت دِل عطا کرنا     عطا کر دے تُو صِحّت، ماہِ رمضان آنے والا ہے([2])

(3):پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خطبو ارشاد فرمائيندا ها

استقبالِ رمضان جي حوالي سان اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هڪ مبارڪ معمول هي به هو جو ماھِ رمضان جي ٿيندي هئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خطبو ارشاد فرمائيندا ها، جنهن ۾ رمضان المبارڪ جون فضيلتون ۽ برڪتون بيان ڪندا ها۔

اچو! حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا 3 مبارڪ خطبا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا:


 

 



[1]... موسوعہ ابن ابی الدنیا ، فضائل شہر رمضان، جلد:1،صفحہ:366،حدیث:20۔

[2]... وسائِلِ فردوس، صفحہ:25۔