Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren
عام طور غفلت جي وقتن ۾ عبادت جون فضيلتون
بهر حال! پُورو رمضان ئي سستي ۽ غفلت کان بچڻو آهي، خاص طور هي 3 وقت جيڪي عام طور تي غفلت ۾ گذري وڃن ٿا، انهن وقتن کي عبادت ۾، چڱن ڪمن ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي * عَلّامه اِبنِ رجب حنبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اهو وقت جو جڏهن عموماً ماڻهو غفلت جو شِڪار ٿيندا آهن، ان وقت عبادت ڪرڻ الله پاڪ وٽ محبوب عَمَل آهي * وڌيڪ فرمائن ٿا: الله پاڪ جا ڪي نيڪ ٻانها خاص طور تي مغرب کان عشاء تائين نمازون پڙھندا ها ۽ فرمائيندا ها: هي اهو وقت آهي جڏهن ماڻهو عموماً غفلت جو شڪار ٿيندا آهن۔([1]) * حديث سڳورين ۾ رات جو جڏهن ماڻهو سمهي رهيا هجن، ان وقت نماز پڙھڻ جا خصوصي فضائل آيا آهن، الله پاڪ جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: سلام کي عام ڪريو، ماڻهن کي کاڌو کارايو ۽ رات جي وقت جڏهن ماڻهو سمهي رهيا هوندا آهن ان وقت نماز پڙھو ته سلامتي سان جنت ۾ داخل ٿي ويندؤ۔([2]) * اهڙي طرح بازار ۾ ذِڪرُ الله ڪرڻ جون فضيلتون آهن، ڇو؟ ان ڪري جو بازار غفلت جو مقام آهي۔
بازار ۾ ذِڪر الله ڪرڻ وارن جي بخشش ٿي وئي
منقول آهي: 2 دوست هئا، انهن جو بازار وٽان لنگھڻ ٿيو، هڪ دوست چيو: ڏسو! ماڻهو خريد و فروخت ۾ مصروف آهن، ذِڪرُالله کان غافل آهن، اچو! اسان هتي ذِڪرُ الله ڪريون ٿا، پوءِ ٻئي هڪ پاسي بيهي ذڪر الله ڪرڻ لڳا، ڪجھ عرصي کان بعد انهن مان هڪ دوست جو انتقال ٿي ويو، ٻي دوست مرڻ واري کي خواب ۾ ڏٺائين، مرڻ واري دوست چيو: ڇا توکي خبر آهي؟ ان ڏينهن اسان ٻنهي بازار ۾ ذِڪرُ الله ڪيو هو، الله پاڪ انهيء ڏينهن اسان ٻنهي جي بخشش فرمائي هئي.([3])