Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

تراویح اور نمازوں میں کمی ہو گی نہ روزوں میں                         کرو مل کر یہ نیّت ماہِ رمضان آنے والا ہے

نبی کے عشق میں روؤں، مدینے کے لئے تڑپوں                              خُدا دے سوز و رِقَّت ماہِ رمضان آنے والا ہے

                                      رہوں قائِم میں توبہ پر، خُدایا فضل ایسا کر                          گُنَاہوں سے دے نفرت ماہِ رمضان آنے والا ہے

(2): تراويح جون فضيلتون

 رمضان المبارڪ جي ٻي اهم عبادت، جيڪا رمضان المبارڪ ئي ۾ ڪئي ويندي آهي، اهو آهي: نمازِ تراويح۔ رمضان المبارڪ تراويح پڙھڻ سنت مؤڪده آهي۔([1]) شُعَبُ الاِيمان جي روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪو شخص رمضان جي رات ۾ نماز پڙھي ٿو، الله پاڪ ان جي هر سجدي جي بدلي ان جي لاءِ 1500 نيڪيون لکي ٿو ۽ ان جي لاءِ جنت ۾ ڳاڙهي ياقوت جو گھر بڻائي ٿو، وڌيڪ فرمايائون: جيڪو شخص رمضان المبارڪ ۾ رات جي وقت يا ڏينهن ۾ جڏهن به سجدو ڪري ٿو، ان جي هر سجدي جي بدلي جنت ۾ هڪ اهڙو وڻ لڳايو ويندو آهي جو ان جي ڇانو ۾ گھوڙي سوار 500 سال تائين هلندو رهي۔([2])

 سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ جي رحمت تي قربان وڃو! رمضان المبارڪ ۾ صرف هڪ سجدو ڪرڻ تي 1500 نيڪيون ملن ٿيون، جنت ۾ ڳاڙهي ياقوت جو گھر بڻايو ويندو آهي ۽ جنّت ۾ ايترو وڏو وڻ لڳايو ويندو آهي جو گھوڙي سوار 500 سالن تائين ان جي ڇانو ۾ هلندو رهي۔ هن مان اهي ماڻهو سبق حاصِل ڪن جيڪي مَعَاذَ الله! نمازِ تراويح نٿا پڙھن يا پڙھن ته ٿا پر 20 پُوريون نٿا پڙهن۔ غَور ڪريو! نمازِ تراويح جي 20 رڪعتن ۾ ڪُل 40 سجدا آهن، يعني جيڪو 20 رڪعت تراويح پڙھندو ته الله پاڪ جي رحمت سان اُمِّيد آهي ته ان کي 60 هزار


 

 



[1]... رد المحتار، کتاب الصلاۃ، باب الوتر والنوافل، مبحث صلاۃ التراویح،جلد:2 ،صفحہ:596۔

[2]... شعب الایمان،باب فی الصیام ،جلد:3 ،صفحہ:314 ،حدیث:3635۔